اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد (نشان حيدر) کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد جي جرئت، بهادري ۽ عظيم قرباني قومي تاريخ جو هڪ روشن باب آهي، قوم پنهنجي هن بهادر پٽ جي لازوال قرباني کي هميشه ياد رکندي. ميجر جنرل راجا عزيز ڀٽي شهيد جي 61 هين ورسي جي …
ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد جي جرئت، بهادري ۽ عظيم قرباني قومي تاريخ جو هڪ روشن باب آهي: سردار اياز صادق

مزید خبریں
اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد (نشان حيدر) کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد جي جرئت، بهادري ۽ عظيم قرباني قومي تاريخ جو هڪ روشن باب آهي، قوم پنهنجي هن بهادر پٽ جي لازوال قرباني کي هميشه ياد رکندي. ميجر جنرل راجا عزيز ڀٽي شهيد جي 61 هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته 1965ع جي جنگ ۾ ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد لاهور ويجهو برڪي سيڪٽر ۾ دشمن آڏو شيهي جي ڀت بڻجي مادر وطن جو دفاع ڪيو ۽ پنج ڏينهن ۽ پنج راتيون مسلسل بي مثال بهادري ۽ عزم سان دشمن جو مقابلو ڪيو. سردار اياز صادق چيو ته ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد وطن جي دفاع خاطر پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪري اهڙو لازوال مثال قائم ڪيو جيڪو تاريخ ۾ سنهري اکرن ۾ هميشه زنده رهندو. سندس بهادري ۽ قرباني ايندڙ نسلن لاءِ مشعل راهه آهي. هن چيو ته ميجر راجا عزيز ڀٽي شهيد جي بي مثال بهادري، شجاعت ۽ لازوال قرباني جي اعتراف ۾ کيس پاڪستان جو سڀ کان اعليٰ عسڪري اعزاز نشان حيدر سان نوازيو ويو، سندس قرباني ان عزم جو اظهار آهي ته وطن جي عزت، وقار، خودمختياري ۽ سلامتي هر شيءَ کان مٿانهين آهي. هن چيو ته پاڪ فوج جي جوانن هميشه پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري وطن عزيز جي سرحدن ۽ سلامتي جو دفاع ڪيو آهي. مادر وطن جي دفاع خاطر جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ شهيد اسان جا حقيقي قومي هيروز آهن ۽ قوم سندن قربانين کي هميشه ياد رکندي.










