سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان مختلف خانقاهن ۽ درٻارن جي گادي نشينن ۽ سجاده نشينن جي ملاقات

اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان ملڪ جي مختلف ناليوارن خانقاهن ۽ درٻارن جي گادي نشينن ۽ سجاده نشينن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي يڪجهتي، بين المذاهب هم آهنگي، معاشرتي قدرن کي هٿي وٺرائڻ ۽ عوامي ڀلائي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد ۾ پير سيد امجد علي شاهه گيلاني (آستانه عاليه گڊ گور شريف)صاحبزاده ميان عمر بخش (درٻار عاليه کڙي …

اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سان ملڪ جي مختلف ناليوارن خانقاهن ۽ درٻارن جي گادي نشينن ۽ سجاده نشينن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي يڪجهتي، بين المذاهب هم آهنگي، معاشرتي قدرن کي هٿي وٺرائڻ ۽ عوامي ڀلائي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفد ۾ پير سيد امجد علي شاهه گيلاني (آستانه عاليه گڊ گور شريف)صاحبزاده ميان عمر بخش (درٻار عاليه کڙي شريف)، سيد انور الحسن پير آف مراڙه شريف، سيد اڪمل حسين شاهه، سيد معظم غفار، ملڪ اصغر حسين ۽ ميان محمد شبير شامل هئا. وفد پنهنجي علائقن ۾ عوام کي درپيش مسئلن ۽ خانقاهي مرڪزن جي سماجي ۽ ڀلائي وارين سرگرمين کان سينيٽ چيئرمين کان آگاهه ڪيو. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيو ته پاڪستان جي تهذيبي ۽ سماجي تاريخ ۾ خانقاهن ۽ صوفين جي تعليم جو اهم ڪردار رهيو آهي، محبت، برداشت، انسان دوستي، خلق جي خدمت ۽ اتحاد تي ٻڌل تعليم اڄ به معاشري لاءِ مشعل راهه آهي.