اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي)سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 5 هزار 600 روپين جي گهٽتائي سان گڏ في تولو سون 4 لک 56 هزار 736 روپيا ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب جمعي ڏينهن سون جي في تولي جي قيمت ۾ 5 هزار 6 سئو روپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 56 هزار 736 روپيا ٿي ويو. 24 قيراط سون جي …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 5 هزار 600 روپين جي گهٽتائي
اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي)سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 5 هزار 600 روپين جي گهٽتائي سان گڏ في تولو سون 4 لک 56 هزار 736 روپيا ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب جمعي ڏينهن سون جي في تولي جي قيمت ۾ 5 هزار 6 سئو روپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 56 هزار 736 روپيا ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 4 هزار 801 روپين جي گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 96 هزار 378 روپين کان گهٽجي 3 لک 91 هزار 577 روپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 63 هزار 359 روپين کان گهٽ ٿي 3 لک 58 هزار 958 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته في تولو چاندي جي قيمت 253 روپيا گهٽجڻ بعد 6 هزار 871 روپيا ۽ 10 گرام چاندي جي قيمت 217 روپين جي گهٽتائي کانپوءِ 5 هزار 890 روپيا ٿي وئي.










