لاڙڪاڻو-11 سيپٽمبر (اي پي پي)لاڙڪاڻي ۾ دڙي ٽائون جي چيئرمين شاھ رخ انور سيال جي هدايتن تي صفائي جي عملي طرفان ٽائون جي سمورن علائقن اندر صفائي سٿرائي جو نظام بهتر بڻائڻ لاءِ ننڍن توڙي وڏن نيڪال وارن نالن جي کوٽائي ڪرڻ سميت مختلف پاڙن جي روڊن، رستن ۽ گهٽين جي صفائي ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ دڙي ٽائون جي چيئرمين شاھ رخ انور سيال جو چوڻ هيو ته عوام …
لاڙڪاڻي ۾ دڙي ٽائون جي چيئرمين جي هدايتن تي صفائي جو ڪم شروع
لاڙڪاڻو-11 سيپٽمبر (اي پي پي)لاڙڪاڻي ۾ دڙي ٽائون جي چيئرمين شاھ رخ انور سيال جي هدايتن تي صفائي جي عملي طرفان ٽائون جي سمورن علائقن اندر صفائي سٿرائي جو نظام بهتر بڻائڻ لاءِ ننڍن توڙي وڏن نيڪال وارن نالن جي کوٽائي ڪرڻ سميت مختلف پاڙن جي روڊن، رستن ۽ گهٽين جي صفائي ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ دڙي ٽائون جي چيئرمين شاھ رخ انور سيال جو چوڻ هيو ته عوام جي خدمت منهنجي زندگي جو مقصد آهي، هر شهري جا مسئلا منهنجي ذاتي ترجيح آهن ۽ انهن جي حل لاءِ اسان ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته ڪنهن به شڪايت کي اڻ ڏٺو نه ڇڏينداسين ۽ دڙي ٽائون کي ماڊل ٽائون بڻائينداسين. هن چيو ته دڙي ٽائون جا رهواسي بهترين سهولتن جا حقدار آهن، منهنجو مقصد آهي ته ٽائون کي اهڙي سطح تي آڻيان جتي هر شهري فخر سان رهي سگهي صفائي مهم منهنجي اولين ترجيح آهي ۽ ان لاءِ هر ممڪن وسيلو استعمال ڪيو ويندو. هن عوام کي پڻ اپيل ڪئي ته صفائي برقرار رکڻ ۾ ٽائون انتظاميا سان سهڪار ڪن ته جيئن علائقو جديد سهولتن سان گڏ هڪ مثالي ٽائون بڻجي سگهي.











