اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ قومي عدالتي پاليسي ساز ڪميٽي جي 62 هين اجلاس ۾ اداراجاتي صلاحيت مضبوط بڻائڻ، انصاف تائين رسائي تيز ڪرڻ ۽ موثر ۽ شفاف انصاف واري نظام کي يقيني بڻائڻ لاءِ عزم کي ورجايو ويو، جڏهن ته پاڪستان جي عدالتن لاءِ قومي متحده اي فائلنگ ۽ اليڪٽرانڪ عدالتي رڪارڊ نظام اصولي منظوري ڏني وئي، سپريم …
انصاف تائين پهچ تيز، عدالتي نظام کي موثر ۽ جديد بڻائڻ لاءِ قدم جاري رکنداسين: چيف جسٽس
اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ قومي عدالتي پاليسي ساز ڪميٽي جي 62 هين اجلاس ۾ اداراجاتي صلاحيت مضبوط بڻائڻ، انصاف تائين رسائي تيز ڪرڻ ۽ موثر ۽ شفاف انصاف واري نظام کي يقيني بڻائڻ لاءِ عزم کي ورجايو ويو، جڏهن ته پاڪستان جي عدالتن لاءِ قومي متحده اي فائلنگ ۽ اليڪٽرانڪ عدالتي رڪارڊ نظام اصولي منظوري ڏني وئي، سپريم ڪورٽ پاران جاري بيان ۾ سپريم ڪورٽ ۾ ٿيل اجلاس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ، پشاور هاءِ ڪورٽ ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار شرڪت ڪئي. قانون ۽ انصاف وارو سيڪريٽري، ايڊيشنل سيڪريٽري، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽ ڊائريڪٽر جنرل نيشنل سائبر ايمرجنسي ريسپانس ٽيم خاص دعوت تي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ قومي عدالتي سڌاراجاتي فريم ورڪ کي عالمي قانون جي حڪمراني جي اهڃاڻن سان هم آهنگ ڪرڻ، قانون جي حڪمراني ۽ عدالتي سڌارا ٽريڪٽر پورٽل کي 15 مارچ 2027ع تائين سمورن عدالتي سطحن تائين مڪمل فعال ڪرڻ ۽ عدالتي انگن اکرن جي وقت سر درست ۽ مضبوط رسد لاءِ ميڊيا ۽ اسٽريٽجڪ ڪميونيڪيشن سيل کي فوري طور تي فعال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، ڪميٽي جبري گمشدگين جي ڪيسن کي منهن ڏيڻ لاءِ ازالي جو طريقيڪار ۽ تجويز ڪيل ڪميشن جوڙڻ جي معاملي قانون ۽ انصاف واري وزارت کي ڪارروائي جلد مڪمل ڪري ايندڙ اجلاس ۾ جامع رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. چيف جسٽس آف پاڪستان جي صدارت هيٺ ڪميٽي قومي متحده اي فائلنگ ۽ اليڪٽرانڪ عدالتي رڪارڊ نظام کي عدالتي شعبي جي ڊجيٽل تبديلي، شفافيت، رسد ۽ عدالتي ڪارروائي کي وڌيڪ آسان بڻائڻ طرف اهم قدم قرار ڏنو. نظام کي هڪجهڙو اي فائلنگ فارم جي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ سمورن هاءِ ڪورٽس جي رجسٽرارز يا ان جي نامزد نمائندن ۽ صوبائي ۽اسلام آباد بار ڪائونسلز جي نامزد ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو. نئين نظام کي شروعاتي تجرباتي طور هر صوبي ۽ اسلام آباد جي چونڊيل هنڌن تي خانداني ڪيسن ۾ لاڳو ڪيو ويندو جنهن ۾ فيملي ڪورٽ، ضلعي عدالت، لاڳاپيل هاءِ ڪورٽس ۽ سپريم ڪورٽ شامل هونديون. ڪميٽي قومي عدالتي تجزياتي ڊيش بورڊ ۾ 17 ترجيحي ڪيسن جي قسم جي ڪامياب انضام کي به ساراهيو ۽ هاءِ ڪورٽس جي رجسٽرارز کي انگن اکرن جي مڪمل ۽ درست فراهمي يقيني بڻائڻ جي ذميواري سونپي وئي. چيف جسٽس کي ڪيسن جي فيصلن، التوا هيٺ ڪيسن، بيڪ لاگ ۽ ٻي ڪارڪردگي جي حوالي سان ماهور بريفنگ ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. قومي عدالتي پاليسي ساز ڪميٽي پهرين سيپٽمبر 2025ع کان 31 جولاءِ 2026 تائين ٽائيم بائونڊ ڪيسن جا 14 لک 67 هزار 675 فيصلا ڪرڻ تي ضلعي عدليه جي غير معمولي ڪارڪردگي کي ساراهيو. ان عرصي جي شروعات تي اهڙن ڪيسن جو التو هيٺ انگ 12 لک 27 هزار 657 هو، ڪميٽي هاءِ ڪورٽس، ضلعي عدليه، ججز ۽ عدالتي عملي جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪندي ٽائم بائونڊ ڪيسن جي فيصلن جو نظام برقرار رکڻ ۽ ماهوار بنيادن تي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ ماڊل فوجداري ۽ ديواني عدالتن جي ڪارڪردگي کي به ساراهيو ويو. پهرين سيپٽمبر 2025ع کان 31 جولاءِ 2026ع تائين ماڊل فوجي عدالتن مجموعي طور 91 هزار 71، جڏهن ته ماڊل ديواني عدالتن 42 هزار 386 ڪيسن جا فيصلا ڪيا، ڪميٽي عورتن لاءِ سهولت مرڪزن جي تجويز ڪيل ڊيزائين جي حوالي سان هاءِ ڪورٽس کي پنهنجي ضرورتن موجب وڌيڪ ڪاروائي جي اجازت ڏني جڏهن ته اسلام آباد جي ضلعي عدليه ۾ ججز جي گردش جي پاليسي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. اجلاس ۾ ضلعي عدليه جي ججز ۽ عملي لاءِ طبي سهولتن جي فراهمي جي سلسلي ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي منظور ٿيل هيلٿ انشورنس پاليسي اختيار ڪرڻ جو متفقه فيصلو ڪيو ويو. قومي عدالتي پاليسي ساز ڪميٽي عدالتي سروس لاءِ قانوني ڍانچه فراهم ڪرڻ جي معاملي تي به هاءِ ڪورٽس کي بلوچستان ڊسٽرڪٽ جوڊيشري ايڪٽ 2021ع جي طرز تي قانوني فريم جوڙڻ جو عمل شروع ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.











