اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي)قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته قائداعظم جي ديانت، اصول پسندي ۽ قومي عزم اڄ به اسان لاءِ رهنمائي جو ذريعو آهن. پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي ورسي جي موقعي تي قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت طرفان جاري پيغام ۾ وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته پاڪستاني جي باني جي خدمتن ۽ …
قائداعظم جي ديانت، اصول پسندي ۽ قومي عزم اڄ به اسان لاءِ رهنمائي جو ذريعو آهي: وفاقي وزير راڻا تنوير حسين
اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي)قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته قائداعظم جي ديانت، اصول پسندي ۽ قومي عزم اڄ به اسان لاءِ رهنمائي جو ذريعو آهن. پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي ورسي جي موقعي تي قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت طرفان جاري پيغام ۾ وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته پاڪستاني جي باني جي خدمتن ۽ قربانين کي تاريخ هميشه سنهري لفظن ۾ ياد رکندي. هن چيو ته قائداعظم جو تصور پاڪستان هڪ مضبوط، خودمختار، ترقي يافته ۽ خوشحال رياست جو عڪاس هو. راڻا تنوير حسين چيو ته قائداعظم مسلمانن کي هڪ مقصد تي متحد ڪري آزادي جي جدوجهد کي ڪاميابي سان همڪنار ڪيو. هن چيو ته قائداعظم جي ورسي، اسان قائداعظم جي قومي خدمتن ۽ عظيم جدوجهد کي ياد ڪرڻ ۽ سندن فڪر تي غور ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته قائداعظم جي فرمانن تي عمل ئي پاڪستان کي درپيش چئلينجز مان ڪڍڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا. وفاقي وزير چيو ته قومي اتحاد، نظم ۽ ضبط ۽ قانون جي پاسداري قائداعظم جي پاڪستان جي تعمير جو بنيادي اصول آهن. وفاقي وزير چيو ته اسان کي ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي ڪري قومي يڪجهتي ۽ ملڪي ترقي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته قائداعظم جي خواب جي تعبير هڪ مستحڪم، معاشي طور تي مضبوط ۽ خوشحال پاڪستان جي صورت ۾ ئي ممڪن آهي.












