اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته گلگت بلتستان جي آئيني ۽ قانوني معاملن تي مشاورت جو عمل جاري آهي، انهن معاملن تي جامع ۽ تفصيلي غور ڪيو ويندو، جڏهن ته سمورن لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. گلگت بلتستان جي عوام جي حق جو تحفظ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. ترجمان موجب وفاقي وزير جي صدارت هيٺ …
گلگت بلتستان جي آئيني معاملن تي قومي اتفاق راءِ ضروري آهي: اعظم نذير تارڙ
اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي)قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته گلگت بلتستان جي آئيني ۽ قانوني معاملن تي مشاورت جو عمل جاري آهي، انهن معاملن تي جامع ۽ تفصيلي غور ڪيو ويندو، جڏهن ته سمورن لاڳاپيل ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو ويندو. گلگت بلتستان جي عوام جي حق جو تحفظ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. ترجمان موجب وفاقي وزير جي صدارت هيٺ جمعي ڏينهن جي بي اشوز ورڪنگ گروپ جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گلگت بلتستان، دفاع واري وزارت، پرڏيهي وزارت، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وزارت ۽ گلگت بلتستان ڪائونسل جي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گلگت بلتستان جي آئيني، قانوني، مالي ۽ انتظامي معاملن تي تفصيلي غور ڪيو ويو. ان دوران گلگت بلتستان جي آئيني ۽ قانوني معاملن بابت مختلف آپشنز ۽ اڳوڻين رپورٽن جو جائزو ورتو ويو جڏهن ته مالياتي وسيلن لاءِ مختلف تجويزن ۽ ماڊلز تي پڻ غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ گلگت بلتستان جي موجوده حڪمراني نظام ۾ عملي سڌارن جي امڪانن جو به جائزو ورتو ويو. وفاقي وزير چيو ته گلگت بلتستان جي مالي، انتظامي ۽ آئيني معاملن کي بهتر انداز ۾ ڏٺو ويندو ۽ مسئلن جي حل لاءِ عملي ۽ قابل عمل تجويزون جوڙيون وينديون. هن ورڪنگ گروپ کي جامع غور ويچار کانپوءِ عارضي رپورٽ تيار ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. اعظم نذير تارڙ چيو ته گلگت بلتستان جي آئيني معاملن تي متفقه آئيني ۽ قانوني حل لاءِ وڌيڪ وقت گهربل هوندو ۽ ان سلسلي ۾ وسيع مشاورت ڪئي ويندي.












