اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي ورسي جمعي 11 سيپٽمبر تي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، باباءِ قوم جي يوم وفات تي مزار قائد تي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، جڏهن ته اهم سياسي ۽ سماجي شخصيتن، اعليٰ سرڪاري عملدارن به مزار تي حاضري ڀري، قائداعظم جي اڳواڻي ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن ڌار وطن پاڪستان جي قيام سان انگريزن …
پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي ورسي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي
اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جي ورسي جمعي 11 سيپٽمبر تي انتهائي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي وئي، باباءِ قوم جي يوم وفات تي مزار قائد تي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو، جڏهن ته اهم سياسي ۽ سماجي شخصيتن، اعليٰ سرڪاري عملدارن به مزار تي حاضري ڀري، قائداعظم جي اڳواڻي ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن ڌار وطن پاڪستان جي قيام سان انگريزن جي هڪ هٽي کان نجات ڏياري، قائداعظم محمد علي جناح 25 ڊسمبر 1876ع ۾ ڪراچي ۾ پيدا ٿيو، هن شروعاتي تعليم 1882ع ۾ پنهنجي اباڻي شهر ۾ حاصل ڪئي ۽ 1893ع ۾ اعليٰ تعليم لاءِ برطانيه هليا ويو، قائداعظم 1896ع ۾ بئريسٽر جو امتحان پاس ڪيو ۽ واپس وطن آيو، پنهنجي قانوني قابليت ۽ اصول پسندي سبب جلد ئي ان جو شمار ننڍي کنڊ جي ناليوارن قانوندانن ۾ ٿيڻ لڳو، قائداعظم وطن واپسي کانپوءِ عملي سياست جي شروعات ۽ 1906ع ۾ انڊين نيشنل ڪانگريس ۾ شامل ٿيو. وقت گذرڻ سان گڏ کيس ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي سياسي حقن ۽ مفادن جي حوالي سان ڪانگريس جي پاليسين تي خدشا پيدا ٿيا، قائداعظم محمد علي جناح 1913ع ۾ ال انڊيا مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ وڏي عرصي تائين ڪانگريس ۽ مسلم ليگ وچ ۾ سياسي تعاون جون ڪوششون جاري رکيون پر ڪانگريس جي پاليسين سبب اختلاف وڌڻ کانپوءِ هن 1920ع ۾ ڪانگريس کان عليحدگي اختيار ڪئي مسلم ليگ جي قيادت ذريعي مسلمانن جي سياسي مستقبل لاءِ جدوجهد تيز ڪري ڇڏي. 1937ع ۾ مولانا مظهر الدين طرفان محمد علي جناح کي قائداعظم جو لقب ڏنو ويو، ان جي مدبراڻي قيادت، سياسي ۽ آئيني جدوجهدجي نتيجي ۾ ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار وطن جو مطالبو عملي شڪل اختيار ڪري ويو ۽ 14 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان دنيا جي نقشي تي اڀري آيو. پاڪستان جي قيام کانپوءِ قائداعظم ملڪ جو پهريون گورنر جنرل بڻيو، هو هڪ مضبوط، منظم ۽ جمهوري پاڪستان جي تعمير جو خواهشمند هو. جڏهن ته بيماري کيس وڌيڪ وقت ڪم ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو. قائداعظم محمد علي جناح 11 سيپٽمبر 1948ع تي وفات ڪئي ۽ قوم پنهنجي عظيم اڳواڻ کان محروم ٿي وئي. پاڪستان جي باني جي ورسي جي موقعي تي سول ۽ فوجي قيادت، سياسي اڳواڻن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن طرفان قائداعظم محمد علي جناح کي ڀرپور انداز ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو ويو.












