روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ذريعي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين پاران موڪليل ناڻي جو ڳاڻيٽو 13.90 ارب ڊالرن کان وڌي ويو

اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي)روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ذريعي سمنڊ پار پاڪستانين پاران موڪليل ناڻي جو ڳاڻيٽو 13.90 ارب ڊالرن کان وڌي ويو. اسٽيٽ بئنڪ پاران جاري انگن اکرن موجب آگسٽ ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ذريعي 259 ملين ڊالرن جو ناڻو پاڪستان موڪليو جنهن کانپوءِ سيپٽمبر 2020ع کان وٺي هن وقت تائين ان اڪائونٽس ذريعي سمنڊ پار پاڪستانين پاران مجموعي طور موڪليل ناڻي جو ڳاڻيٽو 13.906 …

اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي)روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ذريعي سمنڊ پار پاڪستانين پاران موڪليل ناڻي جو ڳاڻيٽو 13.90 ارب ڊالرن کان وڌي ويو. اسٽيٽ بئنڪ پاران جاري انگن اکرن موجب آگسٽ ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ذريعي 259 ملين ڊالرن جو ناڻو پاڪستان موڪليو جنهن کانپوءِ سيپٽمبر 2020ع کان وٺي هن وقت تائين ان اڪائونٽس ذريعي سمنڊ پار پاڪستانين پاران مجموعي طور موڪليل ناڻي جو ڳاڻيٽو 13.906 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو. انگن اکرن موجب روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ذريعي سمنڊ پار پاڪستانين ملڪ ۾ مجموعي طور 2.203 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي آهي. آگسٽ جي مهيني ۾ روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ذريعي سمنڊ پار پاڪستانين پاران ڪيل سيڙپڪاري جو ڳاڻيٽو 85 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو. سمنڊ پار پاڪستانين نيان پاڪستان روايتي سرٽيفڪيٽس ۾ 716 ملين ڊالر، نيا پاڪستان اسلامي سرٽيفڪيٽس ۾ 1.332 ارب ڊالر ۽ روشن ايڪويٽي انويسٽمينٽ ۾ 166 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي آهي.