ڪراچي-11 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه قوم جي ابي قائداعظم محمد علي جناح رح جي يوم وفات جي موقعي تي قائد اعظم جي مزار تي حاضري ڀري. ان موقعي تي صوبائي وزير، مشير ،خاص معاونين ۽ ايڊيشنل آءِ جي سنڌ به ساڻن گڏ هئا. گورنر سنڌ ۽ سنڌ جي وڏي وزير قائداعظم جي مزار تي …
قائداعظم پنهنجو آرام ۽ ذاتي مفاد هڪ پاسي رکندي پنهنجي زندگي مملڪت خداد پاڪستان جي قيام لاءِ وقف ڪري ڇڏي: گورنر سيد محمد نهال هاشمي
ڪراچي-11 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه قوم جي ابي قائداعظم محمد علي جناح رح جي يوم وفات جي موقعي تي قائد اعظم جي مزار تي حاضري ڀري. ان موقعي تي صوبائي وزير، مشير ،خاص معاونين ۽ ايڊيشنل آءِ جي سنڌ به ساڻن گڏ هئا. گورنر سنڌ ۽ سنڌ جي وڏي وزير قائداعظم جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي، جڏهن ته قوم جي ابي جي عظيم خدمتن ۽ قيام پاڪستان لاءِ جدوجهد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي گورنر سنڌ سيد محمد نهال هاشمي چيو ته قائداعظم محمد علي جناح رح پنهنجو چين، سڪون، آرام ۽ ذاتي مفاد هڪ پاسي رکندي پنهنجي زندگي مملڪت خداد پاڪستان جي قيام لاءِ وقف ڪري ڇڏي. قائداعظم قوم کي اتحاد،ايمان ،نظم ۽ ضبط ۽ اصول پسندي جا رهنما اصول ڏنا. هن چيو ته اسان کي قائداعظم جي رهنما اصولن تي عمل ڪندي پاڪستان کي متحد، مضبوط ۽ دنيا لاءِ هڪ مثال بنائڻو آهي. قائداعظم هڪ خودمختيار ،باوقار ۽ جمهوري ملڪ لاءِ جدوجهد ڪئي، اسان کي به پنهنجي عملي زندگي ۾ سندس اصولن کي اختيار ڪرڻو پوندو. گورنر سنڌ چيو ته اسان کي تعصب کان مٿانهون ٿي رواداري ،گڏيل احترام ۽ هڪ ٻئي جي حقن جو خيال رکڻ گهرجي. پاڪستان جي آئيني ۽ جمهوري نظام کي مضبوط بنائڻ اسان سڀني جي ذميداري آهي. هن چيو ته اڄ اسان کي عهد ڪرڻ گهرجي ته اسين قائداعظم جي خواب جي ساڀيا لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين ۽ پاڪستان کي هڪ مضبوط ،خوشحال ۽ باوقار ملڪ بڻائينداسين.












