ٻارن جي تحفظ جي لاءِ سياسي عزم، مضبوط ادارا ۽ مسلسل قدم ضروري آهن: خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري

اسلام آباد - 11 سيپٽمبر (اي پي پي) خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻارن جي تحفظ جي لاءِ سياسي عزم، مضبوط ادارا ۽ مسلسل قدم ضروري آهن، حڪومتي ادارا، صوبائي عملدار، اسڪول، سول سوسائٽي، مذهبي ۽ سماجي اڳواڻ ۽ خاندان پنهنجي ٻارن جو تحفظ هڪ گڏيل قومي ذميواري بڻائين. جمعي ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آصفه ڀٽو زرداري ٻارن جي تحفظ جي …

اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻارن جي تحفظ جي لاءِ سياسي عزم، مضبوط ادارا ۽ مسلسل قدم ضروري آهن، حڪومتي ادارا، صوبائي عملدار، اسڪول، سول سوسائٽي، مذهبي ۽ سماجي اڳواڻ ۽ خاندان پنهنجي ٻارن جو تحفظ هڪ گڏيل قومي ذميواري بڻائين. جمعي ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آصفه ڀٽو زرداري ٻارن جي تحفظ جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ چيو ته هر ٻار کي گهر، اسڪول، معاشري ۾ ۽ هاڻي وڌندڙ حد تائين ڊيجيٽل جي دنيا ۾ به محفوظ ماحول ۾ پرورش ماڻڻ جو مڪمل حق حاصل آهي، ٻارن جي خلاف تشدد، بدسلوڪي، استحصال يا غفلت کي ڪڏهن به نجي معاملو، معاشرتي روايت يا ڪنهن بدقسمت صورتحال جي طور تي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي، جڏهن ڪنهن ٻار کي نقصان پهچي ٿو ته معاشرو پنهنجي بنيادي ذميواري، يعني نگهداشت ۽ تحفظ جي ذميواري، پوري ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي وڃي ٿو. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ ٻار بدستور جسماني ۽ جنسي تشدد، انساني اسمگلنگ، جبري پورهئي، گهٽ عمر جي شادي، استحصال ۽ آن لائين بدسلوڪي کي منهن ڏئي رهيا آهن، گڏيل قومون ڪيترائي ڀيرا خبردار ڪري چڪو آهي ته ٻارن جي خلاف تشدد وسيع پئماني تي موجود آهي تنهن هوندي به ان کي روڪي سگهجي ٿو، ٻارن جي تحفظ جي لاءِ سياسي عزم، مضبوط ادارا ۽ مسلسل قدم ضروري آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ اها ذميواري خاص طور تي فوري ڌيان جي گهرجائو آهي، ٻارن جي آن لائين استحصال بابت تازا ثبوت اسان کي ياد ڏيارين ٿا ته ٻاروتڻ جي درپيش خطرا تيزي سان تبديل ٿي رهيا آهن، ٽيڪنالاجي کي ٻارن جي لاءِ موقعن، تعليم ۽ علم ۾ اضافو ڪرڻ گهرجي، ان کي ڪڏهن اهڙو دروازو نه بڻجڻ گهرجي جنهن جي ذريعي ڏوهاري پيشي عنصر ۽ شڪاري ذهنيت رکندڙ ماڻهو  ٻارن جي زندگين تائين پهچ حاصل ڪري سگهن. هن چيو ته ٻارن جو تحفظ ڪنهن سانحي جي ٿيڻ کانپوءِ شروع نه ٿيڻ گهرجي پر ان کي شروع ۾ ئي روڪٿام سان ٿيڻ گهرجي، باخبر والدين، محفوظ اسڪولن، تربيت يافته استادن، فوري ردعمل ڏيندڙ پوليس ۽ سماجي خدمتن، مضبوط حفاظتي نظام، ذميوار ڊيجيٽل پليٽ فارمز ۽ اهڙي ڪميونٽيز سان جيڪي ڪنهن ٻار کي خطري ۾ ڏسي آواز اٿارڻ جي لاءِ تيار هجن ۽ جتي ڪنهن ٻار جي خلاف ڏوهه ٿي چڪو هجي، اتي نه خاموشي هجڻ گهرجي، نه بدنامي جو خوف ۽ نه ئي ڏوهاري کي تحفظ ملڻ گهرجي. هن چيو ته خوفزده ٻار جي ڳالهه ٻڌڻ گهرجي، متاثر ٻار کي تحفظ ڏيڻ گهرجي، زندهه بچي ويندڙ متاثر ماڻهو سان عزت ۽ وقار سان پيش اچڻ گهرجي ۽ ڏوهاري کي قانون کي منهن ڏيڻ گهرجي. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته ٻارن کي ڪڏهن اهو ثابت ڪرڻ جي ضرورت نه هجڻ گهرجي ته اهي اسان جي تحفظ جا مستحق آهن. انهن جي ننڍي عمري ۽ ڪمزوري اسان سڀني تي اها ذميواري لاڳو ڪري ٿي. هن چيو ته منهنجو پختو يقين آهي ته پاڪستان کي ٻارن جي تحفظ جي اهڙي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ گهرجي جنهن ۾ روڪٿام، رپورٽنگ، جاچ، بحالي ۽ انصاف هڪ ٻئي سان ٺوس هجي جتي ٻارن ۽ خاندانن کي معلوم هجي ته مدد جي لاءِ ڪٿي رجوع ڪرڻو آهي، ۽ جتي ادارا فوري، حساس ۽ موثر انداز ۾ ڪارروائي ڪن ۽ متاثرين کي وڌيڪ ذهني اذيت ۾ نه وجهن. هن چيو ته اسان کي پاڻ ٻارن جي ڳالهه به ٻڌڻي پوندي. انهن جو خوف، تجربا ۽ آواز انهن پاليسين جي جوڙجڪ ۾ شامل هجڻ گهرجن جيڪي انهن جي زندگين تي اثرانداز ٿين ٿيون. ٻاروتڻ جو تحفظ خيرات نه آهي پر حق، انصاف ۽ هن قوم جي سڃاڻپ جو معاملو آهي جيڪو اسان بڻجڻ چاهيون ٿا. هن حڪومتي ادارن، صوبائي عملدارن، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن، اسڪولن، سول سوسائٽي، مذهبي ۽ سماجي اڳواڻن، ميڊيا، ٽيڪنالاجي ڪمپنين ۽ سڀ کان وڌيڪ خاندانن کي اپيل ڪئي ته اسان پنهنجي ٻارن جو تحفظ هڪ گڏيل ذميواري بڻائين. هن چيو ته پاڪستان جي مستقبل ۾ ان ٻار جي تحفظ کان وڌي ڪري مضبوط سيڙپڪاري نٿي ٿي سگهي جيڪو ايندڙ سڀاڻي ۾ ان جو وارث بڻجندو. آصفه ڀٽو زرداري چيو ته اسان جا ٻار هن وقت رڳو اسان جي همدرديءَ جا مستحق نه آهن جڏهن انهن کي نقصان پهچي چڪو هجي. اهي ان کان اڳ اسان جي نگراني ۽ چوڪسي جا مستحق آهن ته نقصان انهن تائين نه پهچي، خطري جي صورت ۾ اسان جي حفاظت جا مستحق آهن ۽ جڏهن انهن جي حقن جي خلاف ورزي ٿئي ته انصاف جا مستحق آهن. اهو ئي اسان جو پاڪستان جي هر ٻار سان واعدو هجڻ گهرجي.