هانگ ڪانگ- 11 سيپٽمبر (اي پي پي)واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان هانگ ڪانگ جي چيف ايگزيڪيوٽو جان لي ڪاچيو ملاقات ڪئي جنهن دوران گڏيل واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي رابطا وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. واپار واري وزارت جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ هانگ ڪانگ جو واپار ۽ اقتصادي ترقي بابت سيڪريٽري الجرنن يائو ۽ پاڪستاني قونصل جنرل رياض احمد شيخ به موجود هئا. ٻنهي اڳواڻن …
واپار واري وفاقي وزير سان هانگ ڪانگ جي چيف ايگزيڪيوٽو جي ملاقات، گڏيل واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي رابطا وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ
هانگ ڪانگ- 11 سيپٽمبر (اي پي پي)واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان هانگ ڪانگ جي چيف ايگزيڪيوٽو جان لي ڪاچيو ملاقات ڪئي جنهن دوران گڏيل واپار، سيڙپڪاري ۽ عوامي رابطا وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. واپار واري وزارت جي ترجمان مطابق ملاقات ۾ هانگ ڪانگ جو واپار ۽ اقتصادي ترقي بابت سيڪريٽري الجرنن يائو ۽ پاڪستاني قونصل جنرل رياض احمد شيخ به موجود هئا. ٻنهي اڳواڻن گڏيل واپار ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ۽ سيڙپڪاري ۽ عوامي رابطا وڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هانگ ڪانگ جي چيف ايگزيڪيوٽو بيلٽ اينڊ روڊ سمٽ ۾ ڄام ڪمال خان جي اثرائتي خطاب کي ساراهيو ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي هٿي ڏيڻ ۾ پاڪستان جي ڪردار جي ساراهه ڪئي. ڄام ڪمال خان خدمتن، ماليات، هوابازي ۽ بزنس ٽو بزنس رابطن ۾ سهڪار وڌائڻ تي زور ڀريو ۽ ڪيٿي پيسفڪ پاران پاڪستان لاءِ اڏامون بحال ڪرڻ جي تجويز به پيش ڪئي. هن چيو ته بهتر فضائي رابطن سان واپار، سياحت ۽ ڪاروباري سرگرمين کي هٿي ملندي. ڄام ڪمال خان چيف ايگزيڪيوٽو جان لي ڪاچيو کي پاڪستان جي دوري جي دعوت به ڏني.












