اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته قاعداعظم اعليٰ قيادت، اصول پسندي ۽ عظيم جدوجهد مسلمانن لاءِ آزاد وطن جو خواب پورو ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ موجوده حڪومت ملڪ کي معاشي استحڪام ۽ ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. قاعداعظم محمد علي جناح جي 78 هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام …
قاعداعظم جي ويزن مطابق ريلوي کي جديد ۽ منافعي بخش ادارو بڻائي رهيا آهيون: ريلوي وارو وفاقي وزير
اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته قاعداعظم اعليٰ قيادت، اصول پسندي ۽ عظيم جدوجهد مسلمانن لاءِ آزاد وطن جو خواب پورو ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ موجوده حڪومت ملڪ کي معاشي استحڪام ۽ ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. قاعداعظم محمد علي جناح جي 78 هين ورسي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ريلوي ۾ سڌارن، ڊجيٽلائيزيشن، جديد ٽيڪنالاجي ۽ انفرا اسٽرڪچر جي بهتري حڪومت جي ترقياتي ايجنڊا جو اهم حصو آهي. ريلوي کي محفوظ، جديد ۽ عوام دوست ادارو بڻائڻ پاڪستان جي باني جي خودمختيار پاڪستان جي ويزن جي تڪميل طرف هڪ اهم اڳڀرائي آهي. قاعداعظم جي اصولن، اتحاد، ايمان ۽ نظم و ضبط کي مشعل راهه بڻائي ئي ملڪ کي خوشحال ۽ ترقي يافته بڻائي سگهجي ٿو.












