اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪرم ضلعي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ڪارروائي دوران افغان خارجي سميت 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت ۽ وقتائتي ڪارروائي کي ساراهيندي چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ امن امان لاءِ فورسز جون قربانيون ۽ ڪوششون تعريف جوڳيون آهن. محسن نقوي …
وفاقي گهرو وزير پاران ڪرم ۾ ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش
اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ڪرم ضلعي ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب انٽيليجنس بيسڊ آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ڪارروائي دوران افغان خارجي سميت 4 دهشتگرد مارجي ويا آهن. پنهنجي بيان ۾ گهرو وزير سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي مهارت ۽ وقتائتي ڪارروائي کي ساراهيندي چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ امن امان لاءِ فورسز جون قربانيون ۽ ڪوششون تعريف جوڳيون آهن. محسن نقوي چيو ته سيڪيورٽي فورسز جا بهادر جوان قوم جو فخر آهن ۽ پوري قوم دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي.












