قائداعظم جو ويزن جمهوري پاڪستان جو هو جتي سمورا شهري قانون جي نظر ۾ برابر هجن: سينيٽر روبينه خالد

اسلام آباد- 11 سيپٽمبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آهي ته قائداعظم ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي آزاد وطن ڏئي کين سڃاڻپ، وقار ۽ خودمختياري جو حق ڏياريو، سندس ويزن جمهوري پاڪستان جو هو جتي سمورا شهري قانون جي نظر ۾ برابر هجن. انهن خيالن جو اظهار هن 11 سيپٽمبر تي قائداعظم محمد علي جناح جي يوم وفات …

اسلام آباد- 11 سيپٽمبر (اي پي پي) بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (بي آءِ ايس پي) جي چيئرپرسن سينيٽر روبينه خالد چيو آهي ته قائداعظم ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي آزاد وطن ڏئي کين سڃاڻپ، وقار ۽ خودمختياري جو حق ڏياريو، سندس ويزن جمهوري پاڪستان جو هو جتي سمورا شهري قانون جي نظر ۾ برابر هجن. انهن خيالن جو اظهار هن 11 سيپٽمبر تي قائداعظم محمد علي جناح جي يوم وفات جي موقعي تي جاري پنهنجي بيان ۾ ڪيو. هن چيو ته قائداعظم سماجي ۽ اقتصادي انصاف، برابري، رواداري ۽ جمهوريت تي ٻڌل پاڪستان جو خواهشمند هو، اتحاد، ايمان ۽ تنظيم قائداعظم جا سونهري اصول آهن، جن تي عمل ئي پاڪستان کي مضبوط بڻائي سگهي ٿو. سينيٽر روبينه خالد چيو ته قائداعظم جي جدوجهد اسان کي قومي يڪجهتي، ديانت، محنت ۽ حب الوطني جو درس ڏئي ٿي. اسان کي قائداعظم جي ويزن تي عمل ڪرڻ لاءِ اهڙو پاڪستان جوڙڻو آهي جتي هر شهري کي برابر حق ۽ ترقي جا موقعا حاصل هجن.