غزه ۾ قتل عام تي ٻڌل اسرائيلي فلمسازن جي دستاويزي فلم لاءِ وينس فلم فيسٽيول ۾ 25 منٽن تائين تاڙيون وڄايون ويون

وينس- 11 سيپٽمبر (اي پي پي) غزه ۾ اسرائيلي فوج هٿان فلسطيني شهرين جي قتل عام تي ٻڌل ٻن آسڪر ايوارڊ يافته اسرائيلي فلمسازن جي تيار ڪيل هڪ نئين دستاويزي فلم کي وينس فلم فيسٽيول ۾ تمام گهڻو ساراهيو ويو ۽ ان لاءِ مسلسل 25 منٽن تائين تاڙيون وڄايون ويون. پرڏيهي ميڊيا مطابق تماشائين فلم جي نمائش کان پوءِ فلمسازن يووال ابراهم ۽ ريچل سزور لاءِ مسلسل 25 منٽن تائين …

وينس- 11 سيپٽمبر (اي پي پي) غزه ۾ اسرائيلي فوج هٿان فلسطيني شهرين جي قتل عام تي ٻڌل ٻن آسڪر ايوارڊ يافته اسرائيلي فلمسازن جي تيار ڪيل هڪ نئين دستاويزي فلم کي وينس فلم فيسٽيول ۾ تمام گهڻو ساراهيو ويو ۽ ان لاءِ مسلسل 25 منٽن تائين تاڙيون وڄايون ويون. پرڏيهي ميڊيا مطابق تماشائين فلم جي نمائش کان پوءِ فلمسازن يووال ابراهم ۽ ريچل سزور لاءِ مسلسل 25 منٽن تائين تاڙيون وڄايون جيڪو وينس ۾ نئون رڪارڊ سمجهيو پيو وڃي ڇو جو گذريل سال غزه تي ٺاهيل هڪ ٻي فلم تي 23 منٽن تائين تاڙيون وڄايون ويون هيون. پنهنجي فلم ”نازا“ ۾ ابراهم ۽ سزور 24 مختلف اسرائيلي فوجي يا انٽيليجنس اهلڪارن جي ڳالهه ٻولهه به شامل ڪئي جن پنهنجي سڃاڻپ ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ڳالهايو. ابراهم ٻڌايو ته اسان رڳو اهو چاهيو ته فوجي ۽ آفيسر پاڻ ٻڌائين ته هنن ڇا ڇا ڪيو، مقصد تمام سادو هو، اسان وڌ کان وڌ تفصيل سان ٻڌڻ چاهيون پيا ته غزه ۾ قتل جو نظام ڪيئن ڏسجي ۽ ڪيئن هلي ٿو. ان 80 منٽن جي فلم ڏسندڙن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي، ڇو جو انٽرويو ڏيندڙن ٻڌايو ته کين ايئن لڳندو هو جيئن هو ڪنهن ”قتل جي فيڪٽري“ يا ”موتمار ويڊيو گيم“ ۾ ڪم ڪري رهيا هجن. ”نازا“ جو نالو اسرائيلي انٽيليجنس جي ان ڪوڊ مان ورتو ويو آهي جيڪو ڪنهن فضائي حملي ۾ متوقع شهري جاني نقصان کي ظاهر ڪري ٿو. اٽڪل ٽن سالن جي تحقيق جي نتيجي ۾ ٺهيل فلم ”نازا“ هلندڙ سال وينس فلم فيسٽيول ۾ مقابلي ۾ شامل واحد فلم آهي.