مودي سرڪار جي معاشي پاليسين کي ڌچڪو، پرڏيهي سيڙپڪارن طرفان ڀارتي بانڊ مارڪيٽ مان واپس ڪڍڻ جو سلسلو جاري

نئين دهلي -11 سيپٽمبر (اي پي پي)مودي سرڪار جي خراب معاشي پاليسين سبب پرڏيهي سيڙپڪارن جو ڀارتي مارڪيٽ مان تيزي سان واپسي جاري آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق معاشي ترقي جي مودي حڪومت جي دعوى اڌوري رهجي وئي آهي. مودي جي خراب معاشي حڪمت عملي کان مايوس عالمي سيڙپڪارن جو ڀارت تان اعتماد ختم ٿي رهيو آهي. عالمي سيڙپڪار ڀارتي بانڊ مارڪيٽ مان تيزي سان واپسي اختيار ڪري رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق پرڏيهي سيڙپڪار آگسٽ کان هاڻي تائين 987 ڪروڙ روپين جا …

نئين دهلي -11 سيپٽمبر (اي پي پي)مودي سرڪار جي خراب معاشي پاليسين سبب پرڏيهي سيڙپڪارن جو ڀارتي مارڪيٽ مان تيزي سان واپسي جاري آهي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق معاشي ترقي جي مودي حڪومت جي دعوى اڌوري رهجي وئي آهي. مودي جي خراب معاشي حڪمت عملي کان مايوس عالمي سيڙپڪارن جو ڀارت تان اعتماد ختم ٿي رهيو آهي. عالمي سيڙپڪار ڀارتي بانڊ مارڪيٽ مان تيزي سان واپسي اختيار ڪري رهيا آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق پرڏيهي سيڙپڪار آگسٽ کان هاڻي تائين 987 ڪروڙ روپين جا ڀارتي بانڊ وڪرو ڪري چڪا آهن. بلومبرگ طرفان ڀارتي مقامي قرضن کي عالمي مارڪيٽ جي اهڃاڻن ۾ شامل نه ڪرڻ سبب ڀارتي سيڙپڪاري کي وڏو ڌچڪو لڳو آهي. ڀارت ۾ منافعي جي شرح جي فرق سبب پرڏيهي سيڙپڪار ڀارتي مارڪيٽ کان ڀڄي رهيا آهن. ڀارتي صحافي جو چوڻ آهي ته عالمي سيڙپڪارن لاءِ گهٽ  منافعو، وڌيل ماليت، ڪمزور ڪرنسي ۽ وڌيڪ ٽيڪس ڀارتي مارڪيٽ ۾ سيڙپڪاري جو رجحان گهٽائي رهي آهي.