ٽيسلا پاران جاپان ۾ پهريون ڀيرو بنا ڊرائيور جي سائبرڪيب پيش

ٽوڪيو- 11 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي اليڪٽرڪ گاڏيون ٺاهيندڙ ڪمپني ٽيسلا جمعي ڏينهن جاپان جي گادي واري شهر ٽوڪيو جي ضلعي آومايا ۾ آٽوميٽڪ روبوٽ ٽيڪسي سائبر ڪيب پهريون ڀيرو عوامي طور تي متعارف ڪرائي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٻن سيٽن واري ان گاڏي ۾ اسٽيئرنگ ويل ، ايڪسيليٽر ۽ بريڪ پيڊل ناهي، جنهن سبب اها مڪمل طور تي بنا ڊرائيور جي هلڻ جي صلاحيت رکي ٿي. گاڏي …

ٽوڪيو- 11 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي اليڪٽرڪ گاڏيون ٺاهيندڙ ڪمپني ٽيسلا جمعي ڏينهن جاپان جي گادي واري شهر ٽوڪيو جي ضلعي آومايا ۾ آٽوميٽڪ روبوٽ ٽيڪسي سائبر ڪيب پهريون ڀيرو عوامي طور تي متعارف ڪرائي ڇڏي آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق ٻن سيٽن واري ان گاڏي ۾ اسٽيئرنگ ويل ، ايڪسيليٽر ۽ بريڪ پيڊل ناهي، جنهن سبب اها مڪمل طور تي بنا ڊرائيور جي هلڻ جي صلاحيت رکي ٿي. گاڏي ۾ مٿانهين طرف کلندڙ بٽر فلاءِ دروازا  ۽ وڏي ٽچ اسڪرين به موجود آهي. ٽيسلا پاران سائبر ڪيب کي ايندڙ خميس کان اوساڪا جڏهن ته 22 سيٽمبر کان مرڪزي جاپان جي شهر گويا ۾ نمائش لاءِ پيش ڪيو ويندو.