نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اي سي او وزيرن جي ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس جي تيارين جو جائزو وٺن لاءِ اجلاس

اسلام آباد- 11 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ 15 ۽ 16 نومبر 2026ع تي پاڪستان ۾ ٿيندڙ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي اي سي او وزيرن جي …

اسلام آباد- 11 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ 15 ۽ 16 نومبر 2026ع تي پاڪستان ۾ ٿيندڙ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. جمعي ڏينهن پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي اي سي او وزيرن جي ڪائونسل جي اجلاس جي تيارين، تجويز ڪيل پروگرام ۽ ايجنڊا، مهمانن جي شرڪت، لاجسٽڪس ۽ ٻين انتظامن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار وزيرن جي ڪائونسل جي ايندڙ اجلاس جي تيارين جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ اهم معاملن تي ضروري هدايتون ڏنيون. هن اقتصادي تعاون تنظيم ۽ علائقائي واپار، رابطن ۽ اقتصادي تعاون جي فروغ ۾ ان جي ڪردار کي پاڪستان پاران ملندڙ اهميت تي زور ڏنو. هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته پاڪستان ۾ ٿيندڙ وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس کي لاڀائتو ۽ ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ سمُورا انتظام جامع انداز ۾ مڪمل ڪيا وڃن. اجلاس ۾ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ پرڏيهي معاملن واري وزارت جي سڀني لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.