مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير حمزه شهباز شريف پاران اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ڊجيٽل ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ جو دورو

اسلام آباد- 11 سيپٽمبر (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير حمزه شهباز شريف اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ڊجيٽل ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ (ڊي سي ڊي) جو دورو ڪيو جتي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ کيس کاتي جي مختلف شعبن، دائري ۽ ڪم ڪار بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڊجيٽل پليٽ فارمن جي موثر استعمال، پاڪستان …

اسلام آباد- 11 سيپٽمبر (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر ۽ پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير حمزه شهباز شريف اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ڊجيٽل ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ (ڊي سي ڊي) جو دورو ڪيو جتي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ کيس کاتي جي مختلف شعبن، دائري ۽ ڪم ڪار بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي ڊجيٽل پليٽ فارمن جي موثر استعمال، پاڪستان جي مثبت تشخص ۽ قومي بيانيي کي اجاگر ڪرڻ سميت ڊجيٽل ڪميونيڪيشن جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊي سي ڊي آمد تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري اشفاق احمد خليل ۽ وزارت جي ٻين اعليٰ عملدارن حمزه شهباز شريف جو استقبال ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موجوده دور ۾ ڊجيٽل ميڊيا معلومات پهچائڻ ۽ عوام سان رابطي جو هڪ مؤثر ذريعو بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته پاڪستان خلاف منفي پروپيگنڊا ۽ من گهڙت خبرن کي روڪڻ ڊجيٽل ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ جي اهم ذميواري آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته حڪومت جي مثبت قدمن ۽ قومي بيانيي کي جديد گهرجن مُوجب ڊجيٽل پليٽ فارمن تي اجاگر ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته ڊجيٽل ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ ۽ پي ٽي وي ڊجيٽل ان مقصد کي حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. حمزه شهباز شريف ڊجيٽل ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ جي مختلف شعبن ۾ جاري سرگرمين ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ ڊجيٽل ڪميونيڪيشن جي شعبي ۾ اطلاعات واري وزارت جي ڪوششن کي ساراهيو. حمزه شهباز شريف چيو ته ڊجيٽل ميڊيا عوام تائين معلومات جي بروقت پهچ ۽ حڪومتي قدمن کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪرڻ جو هڪ اهم ذريعو آهي. هن چيو ته ڊجيٽل پليٽ فارمن جي موثر استعمال سان پاڪستان جو مثبت تشخص ۽ قومي بيانيو دنيا تائين پهچائي سگهجي ٿو. حمزه شهباز شريف اطلاعات واري وزارت جي ڊجيٽل ڪميونيڪيشن جي شعبي ۾ جاري قدمن ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال کي تحسين لائق قرار ڏنو. ان موقعي تي ڊجيٽل ٽيڪنالاجي، سوشل ميڊيا ۽ ٻين پليٽ فارمن ذريعي عوامي ۽ اثرائتي رابطي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏهن ته پي ٽي وي ڊجيٽل ذريعي مواد جي ڊجيٽل پهچ کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي معاملن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. حمزه شهباز شريف کي ڊجيٽل ڪميونيڪيشن جي شعبي ۾ جاري قدمن جي باري ۾ پڻ آگاهه ڪيو ويو. ان موقعي تي وفاقي وزير راڻا مبشر اقبال، مملڪتي وزير عبدالرحمان ڪنجو، وزيراعظم جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ ۽ وزيراعظم جو خاص مددگار طلحه برڪي پڻ موجود هئا.