اقليتن بابت پارلياماني ڪاڪس جو اجلاس، اقليتن جي حقن سميت وفاقي وزارتن ۾ ڀرتي جي 5 سيڪڙو ڪوٽا جهڙن معاملن جو جائزو ورتو ويو

اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) اقليتن بابت پارلياماني ڪاڪس جو اجلاس خميس ڏينهن سينيٽر دنيش ڪمار جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ اقليتي حقن سميت وفاقي وزارتن ۾ ڀرتي جيِ 5 سيڪڙو ڪوٽا جهڙن معاملن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڪارروائي دوران، ايجنڊا ائٽم نمبر I ۽ III کي سرڪاري  نمائندن پاران پيش ڪيل اڻ مڪمل دستاويزن سبب ملتوي ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪٽ آف ٽيبلز ۽ گم …

اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي) اقليتن بابت پارلياماني ڪاڪس جو اجلاس خميس ڏينهن سينيٽر دنيش ڪمار جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ اقليتي حقن سميت وفاقي وزارتن ۾ ڀرتي جيِ 5 سيڪڙو ڪوٽا جهڙن معاملن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ ڪارروائي دوران، ايجنڊا ائٽم نمبر I ۽ III کي سرڪاري  نمائندن پاران پيش ڪيل اڻ مڪمل دستاويزن سبب ملتوي ڪيو ويو، جنهن ۾ ڪٽ آف ٽيبلز ۽ گم ٿيل ڪوٽا ميٽرڪس شامل هئا. ڪنوينر وزارت جي عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو ايندڙ اجلاس کان اڳ واٽس اپ ذريعي سافٽ ڪاپين سان صاف، مڪمل ۽ مناسب طريقي سان ڪتابچو فراهم ڪن . مملڪتي وزير ڪيسو مل کينئل داس ڪوهستاني ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومتي پاليسي کي منظم رسائي ۽ هم آهنگي کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته جيئن اقليتي عهدن کي مناسب طريقي سان اشتهار ذريعي ڀري سگهجي. انساني حقن واري وزارت بيڪ لاگ کي ختم ڪرڻ ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪميٽي کي اهم سفارشون پيش ڪيون جن ۾ هڪ سينٽرلائيزڊ  ڊيٽا پورٽل پڻ شامل آهي جيڪو وفاقي کاتن ۾ اقليتي ڪوٽا جي سمورين خالي جاين جي باري ۾  عوامي طور تي رسائي جوڳا ڊيٽا بيس جي قيام ۾ مدد ڪندو. انساني حقن واري ڊي جي عمر ۾ نرمي جي لچڪدار پاليسين سان گڏوگڏ  ڪميٽي کي ٽارگيٽڊ پبلسٽي بابت آگاهه ڪيو جنهن سان اقليتي پليٽ فارمز ۽ سول سوسائٽي سان رابطن ۾ مدد ملندي ته جيئن ڏورانهن علائقن ۾ خالي جاين کي مؤثر طريقي سان عام ڪري سگهجي. سينيٽر دنيش ڪمار هدايت ڪئي ته انهن سفارشن کي سرڪاري منٽس جو حصو بڻايو وڃي ۽ ڪميٽي ان ڳالهه کي ورجايو ته سمورا لاڳاپيل وفاقي سيڪريٽريز مڪمل انگن اکرن سان ايندڙ اجلاس ۾ پنهنجي ذاتي موجودگي کي يقيني بڻائين. اجلاس ۾ ايم اين اي رميش لال، نويد عامر، نيلم ۽ مملڪتي وزير ڪيسو مل کينئل داس ڪوهستاني، سميت مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وزارت ۽ انساني حقن واري وزارت جي سينئر عملدارن شرڪت ڪئي.