اسلام آباد - 10 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان مڪه گڏيل دفاعي معاهدي کي “دفاعي اتحاد” قرار ڏيندي چيو آهي ته في الحال معاهدي کي توسيع ڏيڻ جو ڪو منصوبو غور هيٺ نه آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان سجاد حيدر خان خميس ڏينهن هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته في الحال معاهدي جي توسيع غور هيٺ نه آهي ڇو ته لاڳاپيل ملڪن کي اڳ ۾ پنهنجي تنظيم کي مضبوط بڻائڻو …
پاڪستان مڪه گڏيل دفاعي معاهدو “دفاعي اتحاد” آهي، في الحال معاهدي کي توسيع ڏيڻ جو ڪو منصوبو غور هيٺ نه آهي: پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي هفتيوار پريس بريفنگ
اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان مڪه گڏيل دفاعي معاهدي کي “دفاعي اتحاد” قرار ڏيندي چيو آهي ته في الحال معاهدي کي توسيع ڏيڻ جو ڪو منصوبو غور هيٺ نه آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان سجاد حيدر خان خميس ڏينهن هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته في الحال معاهدي جي توسيع غور هيٺ نه آهي ڇو ته لاڳاپيل ملڪن کي اڳ ۾ پنهنجي تنظيم کي مضبوط بڻائڻو پوندو ان کانپوءِ اهو انهن سمورن ملڪن جي لاءِ کليل هوندو جيڪي اهڙي طرح جا خيال، تصور ۽ ضرورتون رکن ٿا. هن چيو ته مڪه معاهدي تي صحيحون ڪندڙ ملڪ جن ۾ پاڪستان، ترڪيه ۽ سعودي عرب شامل آهن، مختلف سطحن تي مسلسل اجلاس ۽ مشاورت ڪري رهيا آهن جڏهن ته توسيع بابت فيصلو بعد ۾ ٽئي ملڪ ڪندا. هن چيو ته ان معاهدي جو بنيادي مقصد علائقائي امن ۽ استحڪام کي مضبوط بڻائڻ آهي، ان کانسواءِ اڳ ۾ موجود ڊگهي مدي واري لاڳاپن ۽ دفاعي تعاون جي مختلف رخن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ به ان جو مقصد آهي. پاڪستان مان افغان شاگردن جي واپسي بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت پاران سمورن شاگردن کي ملڪ بدر ڪرڻ جو ڪو فيصلو ناهي ڪيو ويو، اهڙا شاگرد جيڪي ڪنهن مستنند ڊگري پروگرام ۾ داخل آهن ۽ انهن وٽ درست ويزا موجود آهي، انهن کي پاڪستان ۾ قيام ۽ پنهنجي تعليم مڪمل ڪرڻ جي اجازت آهي. ڪاسا – 1000 ۽ ٻين وڏن علائقائي رابطا منصوبن جي حوالي سان ترجمان چيو ته موجوده افغان حڪومت کي سرحد پار دهشتگردي بابت پاڪستان جي سيڪيورٽي خدشن جو ازالو ڪرڻو پوندو، جڏهن دهشتگردي جي خطرن ۾ گهٽتائي ايندي ته معمول جا ٻطرفا ۽ اقتصادي لاڳاپا وڌي سگهندا جنهن سان انهن اهم علائقائي توانائي ۽ ٽرانزٽ منصوبن کي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. ترجمان ڀارت ۾ مسجدن کي مسمار ڪرڻ جي حوالي سان چيو ته پاڪستان ان سنگين صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڀارت ۾ اسلامي مقدس جاين جي منظم ۽ رياستي سرپرستي ۾ مسماري جي شديد مذمت ڪئي آهي. هن چيو ته اهي قدم 1950ع جي لياقت نهرو معاهدي سان گڏوگڏ ڀارت جي پنهنجي قانونن، خاص طور تي 1991ع جي عبادت واريون جايون ايڪٽ جي پڻ سڌوسنئون خلاف ورزي آهي جنهن تحت ڪنهن عبادتگاهه جي مذهبي حيثيت برقرار رکڻ لازمي آهي. هن چيو ته هندوتوا کان متاثر اسلامو فوبڪ مهم هڪ فوري خطرو بڻجي چڪي اهي جنهن جي نتيجي ۾ صديون پراڻي ثقافتي ورثي جون جايون ۽ عبادتگاهون تباهه ڪيون پيون وڃن. ترجمان عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ڀارت ۾ مسلمانن جي خلاف جاري منظم ظلم ۽ ڏاڍ ۽ انهن جي عبادتگاهن جي مسلسل بي حرمتي ۽ تباهي جو فوري نوٽيس وٺي. حريت اڳواڻ محمد ياسين ملڪ پاران 1990ع جي هٿ ٺوڪي الزامن تي جمع ڪرايل حلف نامي بابت هن چيو ته ياسين ملڪ پاران اختيار ڪيل موقف رڳو بهادري جو مظاهرو نه آهي پر ڀارتي عدالتي نظام تي هڪ سخت فرد جرم به آهي. هن هڪ ڀيرو ٻيهر چيو ته پاڪستان ياسين ملڪ جي ڪيس ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي صورتحال کي سمورن عالمي فورمز تي اٿاريندو رهندو ڇو ته ڪشميري عوام جي خودمختياري جو حق گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ تسليم ٿيل آهي ۽ ان کي ڀارتي رياستي ڏاڍ جي ذريعي ختم نه ٿو ڪري سگهجي. ترجمان نائن اليون جي 25هين سال جي حوالي سان سوال تي چيو ته ان واقعي عالمي تعاون جي پوري منظرنامي کي تبديل ڪري ڇڏيو جنهن کانپوءِ پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هڪ غيرمعمولي ڪردار ادا ڪيو، 80 هزار کان وڌيڪ جانين جون قربانيون ڏنيون ۽ اٽڪل 150 ارب ڊالر جو معاشي نقصان برداشت ڪيو جڏهن ته ان کي اڄ به دهشتگردي جو خطرو آهي. هن چيو ته اها دهشتگردي وڏي حد تائين ڀارت پاران ڪرائي پئي وڃي. ڀارت پاڪستان جي خلاف دهشتگردي جو الزام هڻندو رهي ٿو ۽ دعوى ڪري ٿو ته دهشتگردي هتان جنم وٺي ٿي پر زميني حقيقتون اهي آهن ته ڀارت پنهنجي رياستي نيٽ ورڪس جي ذريعي پاڪستان جي اٽڪل سمورن حصن خاص طور تي خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگرد سرگرمين ۾ وڏي پئماني تي ملوث آهي. ڪلڀوشن ياديو ان جو هڪ زندهه مثال آهي جيڪو 2016ع کان اسان جي حراست ۾ آهي. ترجمان چيو ته رياستي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جو نه رڳو اسان جي خطي پر عالمي سطح بشمول يورپ، ڪئناڊا ۽ آمريڪا، جتي ڀارت پاران هدف بڻائي ڪاررواين جي سرپرستي جا ثبوت رڪارڊ تي موجود آهن تدارڪ ضروري آهي. هن ڪشمير کي عالمي سطح تي مڃيل تڪرار قرار ڏيندي چيو ته گڏيل قومن جي ويب سائيٽ تي موجود نقشا به ان حقيقت جي تصديق ڪن ٿا. هن چيو ته ڀارت ڪشمير کي غيرقانوني طور تي ڀارت جو حصو ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي جيڪو نه رڳو پاڪستان پر عالمي برادري جي لاءِ پڻ ناقابل قبول آهي ڇو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جون هڪ درجن کان وڌيڪ قراردادون به موجود آهن جن ۾ واضح طور تي چيو ويو آهي ته ڄمون ۽ ڪشمير جي حتمي حل جو فيصلو گڏيل قومن جي نگراني ۾ ريفرنڊم جي ذريعي ڪشميري عوام کي ڪرڻو آهي. ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اضافي فوجي مقرري بابت سوال تي هن چيو ته اتي هر 7 ماڻهن جي نگراني تي هڪ پوليس اهلڪار يا فوجي مقرر آهي. هن چيو ته ان جو بنيادي مقصد ڪشميري عوام کي دٻائڻ آهي ته جيئن اهي پنهنجي خودمختياري جي حق جو مطالبو ڪرڻ بند ڪري ڇڏين. سعودي عرب تي حوثي حملن جي حوالي سان ترجمان چيو ته پاڪستان ابها، خميس مشيط، جيزان ۽ نجران ۾ شهري ۽ اقتصادي ٺڪاڻا حملن ۾ نشانو بڻائڻ جي شديد مذمت ڪئي آهي. پاڪستان يمن ۾ به امن ۽ استحڪام جو خواهشمند آهي ۽ ان سلسلي ۾ سمورين عالمي ڪوششن جي حمايت جاري رکي آهي. هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب جي خودمختياري، علائقائي سالميت، سلامتي ۽ خوشحالي جي لاءِ پنهنجي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو، سعودي عرب وسيع تر خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جو رستو اختيار ڪيو آهي. غيرقانوني غيرملڪي شهرين جي واپسي بابت هن چيو ته پاليسي تي عملدرآمد کانپوءِ وڏي انگ ۾ ماڻهو واپس وڃي چڪا آهن جڏهن ته پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ اڃا به 10 لک کان وڌيڪ ماڻهو موجود آهن. هن هڪ ڀيرو ٻيهر چيو ته پاڪستان هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جو خواهشمند آهي جڏهن ته افغانستان کي پنهنجي سرزمين تان دهشتگرد عنصرن جي خلاف ڪارروائي ڪندي پاڪستان کي درپيش سنگين سيڪيورٽي خدشن جو ازالو ڪرڻو پوندو ڇو ته اهي ئي عنصر پاڪستان ۾ حملا ڪن ٿا. ترجمان چيو ته تازو ئي ڀارت 25 پاڪستاني قيدين کي آزاد ڪيو جڏهن ته پاڪستان به ڀارتي قيدين کي آزاد ڪيو آهي، گذريل ٻن سالن دوران سزائون مڪمل ٿيڻ تي 400 کان وڌيڪ ڀارتي قيدي آزاد ڪيا ويا. گڏيل عرب امارات جي ويزا پاليسي بابت افواهن جي وضاحت ڪندي هن چيو ته يو اي اي پاران پاڪستاني شهرين کي هر سال جاري ڪئي ويندڙ ويزائن جو انگ انهن پاڪستانين جي واپسي جي انگ کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته اٽڪل 7000 کان 8000 پاڪستاني هر سال ويزا مدو وڌي وڃڻ، ملازمت بابت مسئلن يا معمولي خلاف ورزين جي ڪري واپس موڪليا وڃن ٿا جڏهن ته هر سال اٽڪل 40 هزار کان 50 هزار پاڪستانين کي گڏيل عرب امارات جا ورڪ ويزا جاري ڪيا وڃن ٿا. هن چيو ته ويزا جاري ٿيڻ جي شرح پاڪستانين جي واپسي جي شرح کان 7 کان 8 ڀيرا وڌيڪ آهي. گذريل هفتي جي سفارتي سرگرمين جو ذڪر ڪندي ترجمان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڪرغزستان جي سرڪاري دوري جو حوالو ڏنو جتي ٻنهي ملڪن دفاع، واپار، توانائي بشمول ڪاسا – 1000 ۽ علائقائي رابطن جي شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ 17 معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشتن تي صحيحون ڪيون. انهي دوران نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار سعودي عرب، ترڪيه، مصر، ڪويت ۽ ناروي سميت مختلف ملڪن جي هم منصوبن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. هن او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اميدوار اولارا اوتونو سان پڻ ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه ڪئي.












