اوسلو-10 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان ناروي جي بادشاهه هيرالڊ پنج جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ اوسلو پهتو، هن مرحوم بادشاهه جي سرڪاري تدفين ۾ شرڪت ڪئي ۽ ناروي جي شاهي خاندان ۽ عوام سان صدر مملڪت، وزيراعظم ۽ پاڪستان جي عوام جي طرفان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير عبدالعليم خان ناروي جي نئين بادشاهه، بادشاهه هاڪون …
ناروي جي بادشاهه هيرالڊ پنج جي آخري رسمن ۾ وفاقي وزير عبدالعليم خان شرڪت ڪئي
اوسلو-10 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان ناروي جي بادشاهه هيرالڊ پنج جي آخري رسمن ۾ شرڪت لاءِ اوسلو پهتو، هن مرحوم بادشاهه جي سرڪاري تدفين ۾ شرڪت ڪئي ۽ ناروي جي شاهي خاندان ۽ عوام سان صدر مملڪت، وزيراعظم ۽ پاڪستان جي عوام جي طرفان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير عبدالعليم خان ناروي جي نئين بادشاهه، بادشاهه هاڪون ستين سان به ملاقات ڪئي ۽ کيس پاڪستان جي قيادت ۽ عوام طرفان تعزيت ۽ نيڪ خواهشن پيش ڪيون. وفاقي وزير اوسلو سٽي هال ۾ منعقد تعزيتي تقريب ۾ ناروي جي پرڏيهي وزير ايسپن بارٿ ايڊي، ناڻي واري وزير ۽ نيٽو جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل جينس اسٽولٽنبرگ، ناروي جي ثقافت واري وزير لبنيٰ جعفري ۽ عالمي ترقي واري وزير آسمند او ڪرست سان به ملاقاتون ڪيون ۽ انهن سان ڏک ۽ افسوس جي هن گھڙي ۾ دلي همدردي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ۽ ناروي گڏيل لاڳاپن، ٻطرفي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وفاقي وزير عبدالعليم خان سان ملاقات ڪندڙن ۾ سيڪريٽري اسٽيٽ اينڊريز موتز فيلٽ ڪراوڪ ۽ ميئر اوسلو ايني لينڊ بو شامل هئا. ملاقاتن ۾ پاڪستان ۽ ناروي وچ ۾ لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي ٿي ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته پاڪستان ۽ ناروي جا پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا، گڏيل احترام، اعتماد ۽ تعاون تي ٻڌل آهن. ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان پرعزم آهي. وفاقي وزير ناروي جي بادشاهه هيرالڊ پنج جي آخري رسمن ۾ شرڪت کي پاڪستان طرافن شاهي خاندان ۽ ناروي جي عوام سان يڪجهتي ۽ احترام جو اظهار قرار ڏنو.












