سمورن نان ٽيرف قدمن جي جامع آڊٽ ڪئي وڃي، واپار جي رستي ۾ ايندڙ غيرضروري رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن: وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ٽريڊ فيسلي ٽيشن بورڊ جي اجلاس ۾ هدايت

اسلام آباد - 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته سمورن نان ٽيرف قدمن جي جامع آڊٽ ڪئي وڃي ۽ واپار جي رستي ۾ ايندڙ غيرضروري رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن، وزيراعظم سمورين بندرگاهن جي لاءِ ٽائيم ريليز آٽو ميٽيڊ سسٽم جي مقرر هدفن، نان ٽيرف قدمن جي جائزي جي لاءِ ورڪنگ گروپ جي منظوري ڏئي ڇڏي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران …

اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته سمورن نان ٽيرف قدمن جي جامع آڊٽ ڪئي وڃي ۽ واپار جي رستي ۾ ايندڙ غيرضروري رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن، وزيراعظم سمورين بندرگاهن جي لاءِ ٽائيم ريليز آٽو ميٽيڊ سسٽم جي مقرر هدفن، نان ٽيرف قدمن جي جائزي جي لاءِ ورڪنگ گروپ جي منظوري ڏئي ڇڏي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٽريڊ فيسلي ٽيشن بورڊ جو پهريون اجلاس ٿيو. اجلاس کي سمورين بندرگاهن جي لاءِ ٽائيم ريليز آٽوميٽيڊ سسٽم جي هدفن کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين 30 سيڪڙو پري ارائيول ڪليئرنس جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين گرين چينل جو حصو 65 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي، هلندڙ مالي سال جي پڄاڻي تائين مجاز اقتصادي آپريٽرز جو انگ 50 کان وڌائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته حڪومت ڪاروباري برادري کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پُرعزم آهي، واپار جي فروغ ۽ ڪاروباري سرگرمين ۾ آساني پيدا ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، واپاري عمل ۾ غيرضروري دير جو خاتمو، ڪاروباري لاڳت ۾ گهٽتائي ۽ روانگي واپار جي فروغ جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن، واپار ۾ سهولتڪاري جي ذريعي پاڪستان کي علائقائي ۽ عالمي سپلاءِ چينز جو موثر حصو بڻائڻ جي لاءِ حڪومت پُرعزم آهي. هن چيو ته ٽريڊ فيسلي ٽيشن بورڊ جو بنيادي مقصد واپار بابت سموري طريقيڪار ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ آهي، وڌيڪ ڪاٿو رکندڙ بندرگاهن تي سمورا لاڳاپيل ادارا ڪاورباري برادري کي هڪ ئي جڳهه تي سهولتون فراهم ڪن، مختلف ادارن جي گڏيل انسپيڪشن ۽ گڏيل پروفائيلنگ جي نظام کي فروغ ڏنو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سمورن نان ٽيرف قدمن جي جامع آڊٽ ڪئي وڃي ۽ واپار جي رستي ۾ ايندڙ غيرضروري رڪاوٽون ختم ڪيون وڃن. هن چيو ته پاڪستاني بندرگاهن تائين سڌوسنئون شپنگ لائينز آڻڻ جي لاءِ موثر قدم کنيا وڃن، سڌوسنئون شپنگ سهولت سان پاڪستاني فيڪٽرين مان عالمي خريدارن تائين مصنوعات جي پهچ وڌيڪ آسان ۽ تيز ٿيندي. وزيراعظم قومي واپاري ڪارڪردگي انڊيڪس تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. قومي واپاري ڪارڪردگي انڊيڪس ۾ ڪارگو ڊويل ٽائيم، ڪسٽمز ڪليئرنس، لاجسٽڪس، شپ ڪليئرنس ٽائيم، پوسٽ ڪليئرنس آڊٽ ۽ پري ڪليئرنس سميت ٻين انگن اکرن جي پيمائش ڪئي ويندي. هن واپار ۾ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن جو حصو وڌائڻ جي لاءِ خصوصي قدم کڻڻ جي پڻ هدايت ڪئي ۽ چيو ته ايس ايم ايز جي واپاري سفر جي مختلف مرحلن جي ميپنگ جي ذريعي انهن کي درپيش رڪاوٽن جي نشاندهي ڪئي وڃي، واپار ۾ سهولت جي لاءِ رسڪ مئنيجمينٽ نظام کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي، ڪارگو ڪليئرنس جي عمل کي تيز ڪرڻ جي لاءِ ڪنٽرولز کي پري ارائيول کان پوسٽ ريليز مرحلي تائين سگهه ڏني وڃي، رڳو هاءِ رسڪ ڪارگو جي تفصيلي ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي. هن چيو ته رسڪ مئنيجمينٽ کي وڌيڪ موثر بڻائڻ ۽ واپاري عمل تيز ڪرڻ جي لاءِ مصنوعي ذهانت مان فائدو کنيو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف سمورين بندرگاهن جي لاءِ ٽائيم ريليز آٽوميٽيڊ سسٽم جي مقرر هدفن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم نان ٽيرف قدمن جي جائزي جي لاءِ ورڪنگ گروپ جي پڻ منظوري ڏني ۽ هدايت ڪئي ته اهو ورڪنگ گروپ غيرضروري قاعدن جي خاتمي ۽ واپار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ جي لاءِ هڪ مهيني جي اندر روڊ ميپ پيش ڪري. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن راڻا تنوير حسين، اعظم نذير تارڙ، جنيد انوار چوڌري، وزيراعظم جي صلاحڪار هارون اختر خان، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ ٽريڊ فيسلي ٽيشن بورڊ جي ميمبرن شرڪت ڪئي.