اسلام آباد - 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گيٽس فائونڊيشن پوليو جي خاتمي، صحت، غذائيت، مالياتي شموليت ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن جي ڀلائي لاءِ قدر جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي، حڪومت ۽ گيٽس فائونڊيشن جي گڏيل ڪوششن جي نتيجي ۾ ڊيجيٽل ادائيگين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف …
وزيراعظم سان گيٽس فائونڊيشن جي وفد جي ملاقات، گيٽس فائونڊيشن پوليو جي خاتمي، صحت، غذائيت، مالياتي شموليت ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن جي ڀلائي لاءِ قدر جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي: محمد شهباز شريف
اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گيٽس فائونڊيشن پوليو جي خاتمي، صحت، غذائيت، مالياتي شموليت ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن جي ڀلائي لاءِ قدر جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي، حڪومت ۽ گيٽس فائونڊيشن جي گڏيل ڪوششن جي نتيجي ۾ ڊيجيٽل ادائيگين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گيٽس فائونڊيشن جي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ گيٽس فائونڊيشن جون نمائنده ڪلپنا ڪوچر ۽ انيتا زيدي شامل هيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي ترقياتي چئلينجز دوران گيٽس فائونڊيشن جي مسلسل مدد ۽ حصيداري کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان پوليو جي مڪمل خاتمي جي گڏيل هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پُرعز آهي، پوليو جي خاتمي جي قومي پروگرام کي اعلى ترين سطح تي سرپرستي حاصل آهي، گيٽس فائونڊيشن پوليو جي خاتمي، صحت، غذائيت، مالياتي شموليت ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن جي ڀلائي لاءِ قدر جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته ڊيجيٽل ادائيگيون، غذائي تحفظ، ماءُ ۽ ٻار جي صحت، غربت جو خاتمو ۽ موسمياتي تبديلي سميت اهم سڌاراجاتي ترجيحون، گورننس ريفارمز ايجنڊا جو حصو آهن. ڪيش ليس اڪانومي پاڪستان حڪومت جي تبديلي جي ايجنڊا جو بنيادي حصو آهي، ڪيش ليس پاڪستان جو مقصد عام شهرين جي زندگي آسان بڻائڻ، حڪومتي نظام ۾ شفافيت وڌائڻ ۽ سرڪاري رقم کي بنا ڪنهن دير ۽ زيان جي مستحقين تائين پهچائڻ آهي. هن چيو ته حڪومت ۽ گيٽس فائونڊيشن جي گڏيل ڪوششن جي نتيجي ۾ ڊيجيٽل ادائيگين ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، مستحق عورتن کي پنهنجي مالي مدد سڌوسنئون، محفوظ ۽ باوقار انداز ۾ ملڻ گهرجي. وزيراعظم گيٽس فائونڊيشن سان گڏجي عورتن جي مالياتي شموليت ۽ معاشي خودمختياري جي لاءِ مرڪوز قدمن تي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ گيٽس فائونڊيشن جي وچ ۾ تعاون ۽ حصيداري کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.












