اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي)انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سان گيٽس فائونڊيشن جي هڪ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي اڳواڻي گيٽس فائونڊيشن جي گلوبل پاليسي اينڊ ايڊووڪيسي جي ڊويزن جي وقتي صدر ڊاڪٽر ڪلپتان ڪوڇر ۽ جينڊر ايڪويلٽي ڊويزن جي صدر ڊاڪٽر انيتا زيدي ڪري رهيون هيون. ملاقات دوران ڳالهائيندي وفاقي وزير حڪومت جي فليگ شپ ”ڊجيٽل نيشن پاڪستان“ ايجنڊا کي …
آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سان گيٽس فائونڊيشن جي اعليٰ سطحي وفد جي ملاقات
اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي)انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه سان گيٽس فائونڊيشن جي هڪ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. وفد جي اڳواڻي گيٽس فائونڊيشن جي گلوبل پاليسي اينڊ ايڊووڪيسي جي ڊويزن جي وقتي صدر ڊاڪٽر ڪلپتان ڪوڇر ۽ جينڊر ايڪويلٽي ڊويزن جي صدر ڊاڪٽر انيتا زيدي ڪري رهيون هيون. ملاقات دوران ڳالهائيندي وفاقي وزير حڪومت جي فليگ شپ ”ڊجيٽل نيشن پاڪستان“ ايجنڊا کي اجاگر ڪيو ۽ شموليت تي ٻڌل ڊجيٽل ترقي کي هٿي ڏيڻ، پبلڪ سروس ڊليوري کي جديد بڻائڻ ۽ هڪ مضبوط ڊجيٽل معيشت جي تعمير ۾ ان جي ڪردار جي وضاحت ڪئي. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته ڊجيٽل طور خودمختار پاڪستان جي ويزن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي حصيدارن، خاص ڪري گيٽس فائونڊيشن سان تعاون وڏي اهميت رکي ٿو. وفد هاڻوڪن سالن ۾ پاڪستان جي ڊجيٽل تبديلي ۾ اڳڀرائي خاص طور تي آءِ ٽي واري وزارت طرفان ڪيل سڌارن ۽ قدمن کي ساراهيو. ڌرين آرٽيفيشل انٽيليجنس، ڊجيٽل معيشت، ڊيٽا سسٽمز، هيلٿ ٽيڪنالاجي، مالياتي شموليت، ڪيپيسٽي بلڊنگ ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ترقي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو.












