اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت نجڪاري ۽ نجي شعبي جي قيادت ۾ معاشي ترقي طرف منتقلي تي پنهنجو ڌيان رکيو آهي، ٽيرف ريشنلائيزيشن پروگرام جو مقصد صنعتي ماحول کي وڌيڪ چٽاڀيٽي وارو ۽ موثر بڻائڻ آهي. اها ڳالهه هن خميس ڏينهن هتي ايشيا لاءِ برٽش انٽرنيشنل انويسٽمينٽ جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ۽ سربراهه سريني ناگاراجن سان ملاقات ۾ …
حڪومت نجڪاري ۽ نجي شعبي جي قيادت ۾ معاشي ترقي طرف منتقلي تي پنهنجو ڌيان رکيو آهي، ٽيرف ريشنلائيزيشن پروگرام جو مقصد صنعتي ماحول کي وڌيڪ چٽاڀيٽي وارو ۽ موثر بڻائڻ آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير
اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي)ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت نجڪاري ۽ نجي شعبي جي قيادت ۾ معاشي ترقي طرف منتقلي تي پنهنجو ڌيان رکيو آهي، ٽيرف ريشنلائيزيشن پروگرام جو مقصد صنعتي ماحول کي وڌيڪ چٽاڀيٽي وارو ۽ موثر بڻائڻ آهي. اها ڳالهه هن خميس ڏينهن هتي ايشيا لاءِ برٽش انٽرنيشنل انويسٽمينٽ جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ۽ سربراهه سريني ناگاراجن سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ برٽش انٽرنيشنل انويسٽمينٽ جي سيڙپڪاري جو دائرو وڌائڻ ۽ ترجيحي شعبن ۾ نجي سيڙپڪاري کي وڌيڪ متحرڪ ڪرڻ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪستان لاءِ برٽش انٽرنيشنل انويسٽمينٽ جي سيڙپڪاري منصوبن، نجي سرمائي کي متحرڪ ڪرڻ، بنيادي ڍانچي ۽ موسيماتي فنانسنگ، پرائيوٽ ايڪوٽي، ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪارورباري ادارن لاءِ فنانسنگ ۽ پاڪستان ۾ جاري معاشي ڍانچاجاتي سڌارن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيندڙ سيڙپڪاري جي نون موقعن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. برٽش انٽرنيشنل انويسمينٽ جي ايم ڊي ناڻي واري وزير کي برٽش انٽرنيشنل انويسٽمينٽ جي 2026ع کان 2031ع تائين جي سيڙپڪاري بابت حڪمت عملي کان آگاهه ڪيو جنهن تحت ادارو ايشيا ۽ آفريقا ۾ گهٽ ۾ گهٽ 2 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جو ارادو رکي ٿو. هن ٻڌايو ته ڏکڻ ايشيا ۽ اڀرندڙ مارڪيٽن تي خاص ڌيان ڏنو ويندو. هن پاڪستان کي سيڙپڪاري لاءِ هڪ اهم ملڪ قرار ڏيندي ايندڙ سالن ۾ ملڪ ۾ برٽش انٽرنيشنل انويسٽمينٽ جي سيڙپڪاري جو دائرو نمايان طور وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته برٽش انٽرنيشنل انويسٽمينٽ پنهنجي سيڙپڪاري سان نجي سيڙپ کي به متحرڪ ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي ۽ بنيادي ڍانچي، موسمياتي فنانسنگ، مالياتي خدمتن، ٽيڪنالاجي ۽ نجي مارڪيٽن جي شعبن ۾ پنهنجي تجربن مان فائدو کڻندي سيڙپڪاري جي قابل مارڪيٽن جي ترقي ۽ وڌيڪ نجي سرمايو راغب ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ چاهي ٿو. ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ جي حوالي سان برٽش انٽرنيشنل انويسٽمينٽ جي مسلسل وابستگي ۽ دلچسپي جي آجيان ڪئي. هن چيو ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام ۽ سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ نمايان بهتري آئي آهي، حڪومت ڍانچاجاتي سڌارن، نجڪاري ۽ نجي شعبي جي قيادت ۾ معاشي ترقي ۽ اوسر طرف منتقلي تي ڌيان ڏئي رهي آهي. ناڻي واري وزير چيو ته پاڪستان طرفان 3 ارب ڊالرن جا عالمي بانڊز ڪاميابي سان جاري ڪرڻ، نجڪاري جي عمل ۾ مسلسل اڳڀرائي ۽ خودمختار ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ مسلسل بهتري ان ڳالهه جي عڪاسي ڪري ٿي ته پاڪستان جو معاشي رخ ۽ عالمي سيڙپڪار ۽ عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽن سان ٻيهر مضبوط رابطن تي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي. برٽش انٽرنيشنل انويسٽمينٽ جي وفد ٻڌايو ته پرائيويٽ ايڪوٽ، فنڊ آف فنڊز اسٽرڪچر ۽ پرائيويٽ ڪريڊٽ ذريعي مالياتي شعبي ۾ گهرائي پيدا ڪرڻ ۽ پاڪستان جي ملڪي سيڙپڪاري جي نظام کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جا وسيع امڪان موجود آهن. سريني گاراجن ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ جاري سڌارن ۽ سيڙپڪاري ۽ سرمايو ڪڍڻ جي ماحول کي بهتر بڻائڻ جي ڪوششن جي آجيان ڪندي چيو آهي ته وڌيڪ پاليسي يقين ۽ اعتماد ڊگهي مدي جي نجي سيڙپڪاري جي وڏن ذخيرن کي پاڪستان طرف راغب ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا. وفد موسمياتي سيڙپڪاري، تجديد جوڳي توانائي، بنيادي ڍانچي، بجلي جي رسد جي نظام جي شعبي ۾ به بي آءِ آءِ جي دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ادارو عمل جوڳي مالياتي ڍانچي ۽ سيڙپڪاري جي قابل منصوبن جي تياري ۾ پنهنجو عالمي تجربو ۽ مهارت استعمال ۾ آڻڻ لاءِ تيار آهي. ناڻي واري وزير وفد کي ٽيڪس نظام، توانائي، ٽيرف پاليسي، ڪيپيٽل مارڪيٽ ۽ ڊجيٽلائيزيشن جي شعبن ۾ جاري سڌارن کان آگاهه ڪيو. هن حڪومت جي پنجن سالن جي ٽيرف ريشنلائيزيشن پروگرام جو ذڪر ڪندي چيو ته ان مقصد صنعتي ماحول کي وڌيڪ چٽاڀيٽي وارو ۽ موثر بڻائڻ آهي، پاليسي معاونت کي لاڳيتو ڪارڪردگي ۽ مقرر مدي جي قدمن سان ڳنڍيو پيو وڃي. ملاقات ۾ بنيادي ڍانچي جي ماليات لاءِ ڪيپيٽل مارڪيٽ جي نئين مالياتي اوزارن کي متعارف ڪرائڻ ۽ سيڙپڪاري جا ذريعا وسيع ڪرڻ جا جديد طريقا ڳولڻ جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان سلسلي ۾ موزون ۽ موجوده ريئل اسٽيٽ اثاثن جي امڪاني ٽوڪنائيزيشن سميت مختلف طريقيڪارن تي به غور ڪيو ويو ته جيئن سيڙپڪاري جا نوان رستا پيدا ٿين ۽ سرمائي جي نون ذريعن کي متحرڪ ڪري سگهجي. وفاقي وزير وفد کي نيشنل پرائيويٽ ايڪويٽي پاليسي فريم ورڪ جي تياري لاءِ جوڙيل ڪميٽي بابت پڻ آگاهه ڪيو، ان فريم ورڪ جو مقصد پاڪستان ۾ پرائيويٽ ايڪويٽي جي شعبي کي مضبوط بڻائڻ، مقامي فنڊ مينيجمينٽ جي صلاحيت وڌائڻ ۽ ملڪي ۽ عالمي ڊگهي مدي جي سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ آهي، هن حڪومت جي ماليات تائين رسائي جي وسيع ايجنڊا تي روشني وڌي جنهن تحت نجي ڪريڊٽ، رسڪ شيئرنگ، ميڪينزم، ڊجيٽل پليٽ فارمز ۽ مضبوط مالياتي انفرا اسٽرڪچر ذريعي ايس ايم ايز، زراعت ۽ ٻين اهڙن شعبن لاءِ فنانسنگ ۾ واڌ ڪرڻ جون ڪوششون جاري آهن جتي مالياتي سهولتن تائين پهچ محدود آهي. ناڻي واري وزير زور ڀريو ته مالياتي سهولتن تائين وسيع رسائي ۽ نجي سرمائي کي وڌ کان وڌ متحرڪ ڪرڻ معاشي استحڪام کي سيڙپڪاري، پيداواري صلاحيت، روانگي واپار ۽ پائيدار معاشي ترقي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ضروري آهي. ملاقات ۾ موسمياتي فنانسنگ ۽ انفرا اسٽرڪچر جي شعبن ۾ ويجهي تعاون جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سريني ناگارا جن پاڪستان جي معاشي ماحول ۾ بهتري کي ساراهيندي ملڪ جي معاشي مستقبل تي اعتماد جو اظهار ڪيو. هن پاڪستان لاءِ بي آءِ آءِ جي وابستگي جي عزم کي ورجائيندي چيو ته ادارو مارڪيٽ جي ترقي ۾ مددگار ۽ پائيدار اقتصادي ترقي لاءِ وڌيڪ نجي سيڙپ متحرڪ ڪرڻ سان گڏوگڏ پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. ناڻي واري وزير بي آءِ آءِ جي مسلسل شموليت ۽ تعاون جي آجيان ڪندي سيڙپڪاري جي تجويزن تي وقت سر غور ۽ ٺوس سيڙپڪاري معاملن طرف اڳڀرائي جي حوصلا افزائي ڪئي. ڌرين پاڪستان جي ترجيحي شعبن ۾ سيڙپڪاري، تجربن جي مٽاسٽا ۽ نجي سيڙپ کي متحرڪ ڪرڻ لاءِ ويجها رابطا برقرار رکڻ ۽ عمل جوڳن موقعن جي تلاش تي اتفاق ڪيو.












