خلع تي حق مهر واپسي جي حد مقرر ڪرڻ جي قانون جي معاملي کي پنجاب جي وزيراعليٰ جي نوٽيس ۾ آندو وڃي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي)سپريم ڪورٽ جي شريعت اپيليٽ بينچ خلع وٺندڙ عورت کي 50 سيڪڙو حق مهر واپس ڪرڻ بابت پنجاب جي قانون کي شريعت خلاف قرار ڏيڻ جي وفاقي شرعي عدالت جي فيصلي خلاف پنجاب حڪومت جي اپيل تي معاملو پنجاب جي وزيراعليٰ جي نوٽيس ۾ آڻڻ جو حڪم ڏنو آهي. جسٽس جمال خان مندوخيل جي سربراهي ۾ پنج رڪني شريعت اپيليٽ بينچ خميس ڏينهن ڪيس جي …

اسلام آباد-10 سيپٽمبر (اي پي پي)سپريم ڪورٽ جي شريعت اپيليٽ بينچ خلع وٺندڙ عورت کي 50 سيڪڙو حق مهر واپس ڪرڻ بابت پنجاب جي قانون کي شريعت خلاف قرار ڏيڻ جي وفاقي شرعي عدالت جي فيصلي خلاف پنجاب حڪومت جي اپيل تي معاملو پنجاب جي وزيراعليٰ جي نوٽيس ۾ آڻڻ جو حڪم ڏنو آهي. جسٽس جمال خان مندوخيل جي سربراهي ۾ پنج رڪني شريعت اپيليٽ بينچ خميس ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران جسٽس شاهد وحيد پڇاڻو ڪيو ته ڇا پنجاب جي وزيراعليٰ کان پڇيو ويو آهي ته هو هن ڪيس کي هلائڻ چاهي ٿي يا نه؟ جسٽس شاهد وحيد چيو ته خلع وٺندڙ تي حق مهر جو 50 سيڪڙو واپس ڪرڻ جو قانون صرف پنجاب ٺاهيو آهي، پنجاب ۾ عورت وزيراعليٰ آهي، معاملو ان آڏو رکيو وڃي، پنجاب حڪومت قرآن ۽ سنت سان ان قانون جا جواز ٻڌائي. هن چيو ته خلع تي ڇا ڏيڻو آهي ۽ ڪيترو ڏيڻو آهي، اهو عورت جو فيصلو آهي. قرآن جيڪو اختيار عورت کي ڏنو آهي اهو حڪومت ڪيئن ڦري سگهي ٿي؟ حڪومت قانونسازي  ڪري عورت جي فيصلي جو اختيار ڪيئن طئي ڪري سگهي ٿي؟ جسٽس شاهد وحيد چيو ته عورت جي مقام کي گهٽ ڪرڻ تي عدالت سمجهوتو نه ڪندي. عورت کي ڏنل حق مهر ان جي ملڪيت هوندو آهي. سپريم ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 8 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪندي معاملو پنجاب جي وزيراعليٰ جي نوٽيس ۾ آڻڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.