پئرس-10 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي تعليم، سائنس ۽ ثقافت بابت تنظيم (يونيسڪو) سڄي دنيا ۾ اسڪولن تي حملن ۾ مسلسل اضافي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته 2025ع ۾ سڄي دنيا ۾ اسڪولن تي 1680 حملارڪاڊ ٿيا، جيڪي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 33 سيڪڙو وڌيڪ آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب يونيسڪو گذريل ڏينهن تعليم کي حملن کان محفوظ رکڻ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي چيو ته 2025ع ۾ سڄي دنيا …
سڄي دنيا ۾ 2025ع ۾ اسڪولن تي حملن ۾ 33 سيڪڙو اضافو ٿيو: يونيسڪو
پئرس-10 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي تعليم، سائنس ۽ ثقافت بابت تنظيم (يونيسڪو) سڄي دنيا ۾ اسڪولن تي حملن ۾ مسلسل اضافي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته 2025ع ۾ سڄي دنيا ۾ اسڪولن تي 1680 حملارڪاڊ ٿيا، جيڪي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 33 سيڪڙو وڌيڪ آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب يونيسڪو گذريل ڏينهن تعليم کي حملن کان محفوظ رکڻ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي چيو ته 2025ع ۾ سڄي دنيا ۾ اسڪولن تي 1680 حملا رڪارڊ ڪيا ويا، جيڪي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 33 سيڪڙو وڌيڪ آهن، ان کانسواءِ سڄي دنيا ۾ اٽڪل 25 ڪروڙ 80 لک ٻار ۽ ننڍي عمر جا ماڻهو مختلف بحرانن سبب پنهنجي تعليم کان محروم يا متاثر ٿيا، جن ۾ 9 ڪروڙ 30 لک ٻار مڪمل طور تي اسڪول کان ٻاهر آهن. يونيسڪو جي ڊائريڪٽر جنرل خالد العناني پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسڪولن تي حملن ۾ تيزي سان ٿيل اضافي تي کيس سخت ڳڻتي آهي ڇاڪاڻ ته ان جي نتيجي ۾ ٻار تحفظ، تعليم ۽ اميد کان محروم ٿي رهيا آهن. هن چيو ته اسڪولن ۽ يونيورسٽين جو هر حال ۾ تحفظ ڪرڻ گهرجي ۽ سمورين ڌرين کي عالمي قانون جو احترام ڪندي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته بحران دوران به تعليم محفوظ ۽ باوقار ماحول ۾ جاري رهي. تعليم جيترو وڌيڪ عرصو متاثر رهندي ٻارن جو ٻيهر اسڪول واپس اچڻ جو خطرو ايترو ئي وڌيڪ وڌي ويندو. خاص ڪري ڇوڪرين کي استحصال ۽ بدسلوڪ کان وڌيڪ خطرو ٿي سگهي ٿو. انهن وڌندڙن خطرن کي نظر ۾ رکندي يونيسڪو تڪرارن ۽ بحرانن کان متاثر 20 کان وڌيڪ ملڪن ۾ پنهنجي حصيدارن سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي، ان جو مقصد ٽن سطحن تي قدم کڻڻ آهي جن ۾ بحرانن کي منهن ڏيڻ لاءِ تياري کي مضبوط بڻائڻ، اسڪولن جي متاثر ٿيڻ جي صورت ۾ تعليم جو تسلسل برقرار رکڻ ۽ فوري بحران ختم ٿيڻ کانپوءِ تعليمي نظام جي بحالي ۾ مدد فراهم ڪرڻ شامل آهن. تعليم کي حملن کان محفوظ رکڻ جو عالمي ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد هٿياربند تڪرارن دوران اسڪولن، شاگردن ۽ استادن جي تحفظ جي فوري ضرورت بابت عالمي سطح تي آگاهي پيدا ڪرڻ آهي.












