پاڪستان بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو جو حامي آهي، چين پاڪستان اقتصادي راهداري معاشي منظر نامي کي نئين شڪل ڏئي رهيو آهي: واپار وارو وفاقي وزير

اسلام آباد _10 سيٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته پاڪستان بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو جو حامي آهي. چين پاڪستان اقتصادي راهداري پاڪستان جي معاشي منظر نامي کي نئين شڪل ڏئي رهيو آهي. سي پيڪ پاڪستان کي علائقائي رابطن جي هڪ اهم مرڪز طور اڀرڻ جو موقعو ڏئي رهيو آهي . پاڪستان مرڪزي ايشيا ۽ اولهه چين کي گرم پاڻين ۽ بندرگاهن سان …

اسلام آباد _10 سيٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته پاڪستان بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو جو حامي آهي. چين پاڪستان اقتصادي راهداري پاڪستان جي معاشي منظر نامي کي نئين شڪل ڏئي رهيو آهي. سي پيڪ پاڪستان کي علائقائي رابطن جي هڪ اهم مرڪز طور اڀرڻ جو موقعو ڏئي رهيو آهي . پاڪستان مرڪزي ايشيا ۽ اولهه چين کي گرم پاڻين ۽ بندرگاهن سان ڳنڍي رهيو آهي . انهن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن هانگ ڪانگ ۾ 11 هين بيلٽ اينڊ روڊ سمٽ کي خصوصي خطاب ڪندي ڪيو . وفاقي وزير چيو ته بي آر آءِ رڳو اقتصادي منصوبو ناهي پر ملڪن ۽ قوم کي ويجهو آڻڻ جو موثر پليٽ فارم آهي . هن چيو ته علائقائي تعاون هاڻي واپاري رستن کان اڳتي وڌي مربوط ويليو چينز ۾ تبديل ٿي رهيو آهي ، ڊجيٽل جدت، پائيداري ۽ هنر مند روزگار کي واپاري ڍانچي جو حصو بڻائڻ اڻٽر آهي . ڄام ڪمال خان چيو ته پاڪستان اولهه ، مرڪزي ۽ اوڀر ايشيا وچ ۾ اهم واپاري پل بڻجي رهيو آهي. ريلوي ، روڊن ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ رابطن جي توسيع پاڪستان کي مرڪزي ايشيا لاءِ مختصر ۽ موثر رستو بڻائي رهي آهي، علائقائي رابطه پاڪستان لاءِ ڏيڍ ارب صارفين تي ٻڌل وسيع مارڪيٽ جا دروازا کولي رهيا آهن . هن چيو ته بندرگاهي سڌارا ، ڊجيٽل ڪسٽمز ۽ جديد لاجسٽڪس سان واپاري وقت ۽ لاڳت کي گهٽ ڪيو پيو وڃي . پاڪستان هڪ اڀرندڙ ٽرانس شپمينٽ مرڪز طور سيڙپڪارن کي وسيع علائقائي مارڪيٽ تائين رسائي فراهم ڪري سگهي ٿو .هن چيو ته پاڪستان جي معاشي بحالي ۽ بهتر ڪريڊٽ ريٽنگ سان سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي . توانائي ، بنيادي ڍانچي ، معدنيات ۽ صنعت ۾ نئين سيڙپڪاري پاڪستان تي وڏي اعتماد جي ترجماني آهي . وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي معاشي حڪمت عملي روانگي واپار ۾ اضافي ، صنعتي جديد ڪاري ۽ سيڙپڪاري جي سهولت تي ٻڌل آهي. ٽيڪسٽائل، زرعي مصنوعات ، علم تي ٻڌل صنعتن ۽ خدمت کي عالمي ويليو چينز سان ڳنڍيو پيو وڃي. پاڪستان زراعت ، اهم معدنيات ۽ انساني وسيلن سان مالا مال ملڪ آهي . ڄام ڪمال خان چيو ته جديد ٻج، موسمياتي سمارٽ زراعت ۽ بهتر سپلائي چينز سان غذائي تحفظ ۽ روانگي واپار وڌائي سگهجي ٿو ، ٽامي ، ڪوئلي ۽ اهم معدنيات جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن . وفاقي وزير سيڙپڪارن کي شفاف ۽ ڪاروبار دوست نظام تحت معدني وسيلن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو ته پاڪستاني افرادي سگهه جي صلاحيتن جو ثبوت اٽڪل 40 ارب ڊالرن و  ساليانو  پرڏيهه مان اماڻيل مٽاسٽا جو ناڻو آهي . بي آر آءِ شراڪتدار سي پيڪ فيز ٽو تحت پاڪستان ۾ دستياب سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن . پاڪستان مذهبي ، ثقافتي ۽ قدرتي سياحت جا بي مثال موقعا رکي ٿو.