اسلام آباد- 10 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ ريلوي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڪيش ليس اڪانامي جي ايجنڊا تحت پاڪستان ۾ ڊجيٽل ڏيتي ليتي ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي ۽ ڊيجيٽل ڏي وٺ ڪندڙن جو انگ 5 لک کان وڌي 20 لک کان وڌيڪ ٿي چڪو آهي جنهن سان جون 2026ع تائين طئي ڪيل هدف حاصل ڪيو ويو آهي …
پاڪستان ۾ ڊجيٽل ڏيتي ليتي ڪندڙن جو انگ 20 لک کان وڌي ويو آهي: مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني
اسلام آباد- 10 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ ريلوي بابت مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڪيش ليس اڪانامي جي ايجنڊا تحت پاڪستان ۾ ڊجيٽل ڏيتي ليتي ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي ۽ ڊيجيٽل ڏي وٺ ڪندڙن جو انگ 5 لک کان وڌي 20 لک کان وڌيڪ ٿي چڪو آهي جنهن سان جون 2026ع تائين طئي ڪيل هدف حاصل ڪيو ويو آهي جڏهن ته ان انگ ۾ اضافي جي هدف کي به حڪومت پورو ڪندي. هن اها ڳالهه عالمي تنظيم گيٽس فائونڊيشن جي اعليٰ سطح جي وفد سان ڳالهائيندي چئي، وفد جي قيادت فائونڊيشن جي صنفي مت ڀيد ڊويزن جي صدر ڊاڪٽر انيتا زيدي ڪئي. وفد ۾ گلوبل پاليسي اينڊ ايڊووڪيسي ڊويزن جي وقتي صدر ڊاڪٽر ڪلپنا ۽ ٻيا اعليٰ عهديدار شامل هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ڊجيٽل تبديلي، معاشي سڌارن جي ايجنڊا ۽ ڪيش ليس اڪانامي تي اڳڀرائي جهڙن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو ته راست ڪيو آر ڪوڊ کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت جي ساڍا ٽي ارب جي سبسڊي ڊجيٽل ادائيگين جو نظام استعمال ڪندڙن جي انگ ۾ نمايان اضافو ڪيو آهي. هن چيو ته معيشت جي ڊاڪيومينٽيشن، مالياتي نظام ۾ وڌ کان وڌ عوام کي شامل ڪرڻ ۽ سرڪاري ادائيگين جي شفافيت ۾ اضافي سان ڪارڪردگي وڌائڻ لاءِ حڪومتي سڌارا تيزي سان جاري آهن جن جا هاڪاري نتيجا نڪري رهيا آهن. وفد حڪومتي سڌارن وارن قدمن کي ساراهيندي گيٽس فائونڊيشن پاران ڪيش ليس پاڪستان جي وسيع تي معاشي سڌارن جي ايجنڊا جي حمايت جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي.












