وڏن صنعتي ادارن (ايل ايس ايم) جي شعبي ۾ گذريل مالي سال 26-2025ع دوران 6.5 سيڪڙو جي اوسر ٿي

اسلام آباد_ 10 سيٽمبر (اي پي پي) وڏن صنعتي ادارن (ايل ايس ايم ) جي شعبي گذريل مالي سال 26-2025ع دوران 6.5 سيڪڙو جي اوسر واري شرح حاصل ڪئي. سال دوران 22 مختلف وڏين صنعتن مان 16 صنعتن جي اوسر واري شرح ۾ اضافو جڏهن ته 6 صنعتن جي اوسر واري شرح ۾ گهٽتائي ٿي آهي . اقتصادي تجزيه ڪار محي الدين اعظم پنهنجي تجزياتي رپورٽ ۾ چيو آهي ته …

اسلام آباد_ 10 سيٽمبر (اي پي پي) وڏن صنعتي ادارن (ايل ايس ايم ) جي شعبي گذريل مالي سال 26-2025ع دوران 6.5 سيڪڙو جي اوسر واري شرح حاصل ڪئي. سال دوران 22 مختلف وڏين صنعتن مان 16 صنعتن جي اوسر واري شرح ۾ اضافو جڏهن ته 6 صنعتن جي اوسر واري شرح ۾ گهٽتائي ٿي آهي . اقتصادي تجزيه ڪار محي الدين اعظم پنهنجي تجزياتي رپورٽ ۾ چيو آهي ته گذريل مالي سال دوران ايل ايس ايم جي شعبي جي ترقي جي شرح ۾ 6.5 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ مجموعي طورتي 22 مختلف صنعتن سال دوران اوسر واري شرح حاصل ڪئي جن مان 6 صنعتن جي شرح منفي جڏهن ته 16 جي مثبت رهي. بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ ۽ مثبت اوسر واري شرح حاصل ڪندڙ صنعتن ۾ آٽو موبائل ۽ ٽرانسپورٽ جو شعبو 61.6 سيڪڙو جي اوسر واري شرح سان پهرين نمبر تي رهيو جڏهن ته ڪارن جي پيداواري صنعت جي ترقي جي شرح گذريل مالي سال دوران 51 سيڪڙو ۽ ٽرڪن جي وڪري ۾ 87.8 سيڪڙو جي نمايان اوسر ٿي آهي. رپورٽ مطابق آٽو اسيمبلرز جي مقامي طلب ۾ اضافي جي نتيجي ۾ رٻڙ جي مصنوعات تيار ڪندڙ صنعت جي اوسر واري شرح ۾ 14.3 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. اهڙي طرح بجلي جا اوزار تيار ڪندڙ صنعتن جي اوسر واري شرح ۾ به 11.9 سيڪڙو، تماڪ جي پيداوار جي شعبي ۾ 11.7 سيڪڙو ۽ ڪوڪ ۽ پيٽروليم مصنوعات جي صنعت جي ترقي جي شرح ۾ 10.9 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي. غذائي جنسن جي پيداوار ۾ 9.8 سيڪڙو ،بيوريجز جي صنعت جي ترقي جي شرح ۾ 7.7 سيڪڙو ۽ نان ميٽالڪ معدنيات جي شعبي ۾ 8.2 سيڪڙو ۽ سيمينٽ جي صنعت گذريل مالي سال دوران 9.1 سيڪڙو جي شرح سان ترقي ڪئي آهي. انگن اکرن مطابق سال دوران ملبوسات تيار ڪندڙ صنعت جي اوسر واري شرح ۾0.7 سيڪڙو ۽ فرنيچر سازي جي صنعت جي اوسر واري شرح ۾ به 20.5 سيڪڙو جي اوسر ٿي آهي. محي الدين اعظم رپورٽ ۾ چيو آهي ته صارفين جي خريد واري سگهه بهتر ٿي آهي جنهن سبب وڏن صنعتي ادارن جي شعبي جي ڪارڪردگي تي مثبت اثر پيا آهن. هن چيو ته قومي معيشت ۾ بهتري سان مقامي طور تي تيار ڪيل مصنوعات جي گهرج ۾ به اضافو ٿيو آهي.