اسلام آباد- 10 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ جينياتي طور تي تبديل ٿيل (جي ايم) مڪئي جي پوک جي حوالي سان پاليسي سطح تي اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ڪابينا جي لاڳاپيل ڪميٽي ملڪ ۾ جي ايم مڪئي جي پوک اختيار ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيلي ٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) مطابق اها اڳڀرائي ايس آءِ ايف سي ۽ گرين پاڪستان انيشيئيٽو جي سهڪار …
پاڪستان ۾ جي ايم مڪئي جي پوک اختيار ڪرڻ جي اصولي منظوري، زرعي جدت ۽ پيداوار وڌائڻ ڏانهن اهم اڳڀرائي
اسلام آباد- 10 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ جينياتي طور تي تبديل ٿيل (جي ايم) مڪئي جي پوک جي حوالي سان پاليسي سطح تي اهم اڳڀرائي ٿي آهي، ڪابينا جي لاڳاپيل ڪميٽي ملڪ ۾ جي ايم مڪئي جي پوک اختيار ڪرڻ جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اسپيشل انويسٽمينٽ فيسيلي ٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) مطابق اها اڳڀرائي ايس آءِ ايف سي ۽ گرين پاڪستان انيشيئيٽو جي سهڪار سان زرعي شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي، معياري ٻجن ۽ جديد زرعي طريقن کي هٿي ڏيڻ لاءِ جاري قدمن جو حصو آهي. جي ايم مڪئي جديد بائيو ٽيڪنالاجي ذريعي تيار ڪيل ٻج آهي، جيڪو اڪثر جيتن، بيمارين ۽ موسمي دٻاءُ خلاف فصل جي مزاحمت بهتر بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪري سگهي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ في ايڪڙ پيداوار ۽ هارين جي آمدني ۾ اضافي جا امڪان پيدا ٿين ٿا. ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان جاري ڪوششن بعد ٻج جي ملٽي نيشنل ڪمپنين پاڪستان ۾ جي ايم مڪئي جي پوک لاءِ اصولي منظوري حاصل ٿيڻ جي راه هموار ٿي آهي. ڪميٽي جي اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير سان گڏ ايس آءِ ايف سي جي گرين پاڪستان انيشيئيٽو جي چيف ايگزيڪيوٽو به شرڪت ڪئي. اسٽيٽ بئنڪ جي رپورٽس مطابق ملٽي نيشنل ڪمپنيون هائبرڊ ٻجن ذريعي پاڪستان ۾ زرعي جدت ۽ نئين ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪنديون رهيون آهن. جي ايم مڪئي جي منظوري سان پاڪستان ۾ ٻجن جي جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال، زرعي پيداوار ۾ اضافي، فصلن کي جيتن ۽ موسمياتي دٻاءُ کان بهتر تحفظ ڏيڻ ۽ تبديل ٿيندڙ موسمي حالتن جي ڀيٽ ۾ زرعي شعبي جي صلاحيت وڌائڻ جا امڪان روشن ٿيندا.












