بيجنگ- 10 سيپٽمبر (اي پي پي) بيجنگ ۾ قائم پاڪستاني سفارتخاني ۾ ڪتاب” اسلام آباد دي بائيو گرافي“ جي چيني ٻولي جي ايڊيشن جو مهورت ڪيو ويو، جيڪو پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75هين سالگره جي تقريبن جو حصو آهي. تقريب جي ميزباني چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي ڪئي. ان قدم جو مقصد چين جي شهرين کي پاڪستان جي گادي واري شهر اسلام آباد …
چين ۾ قائم پاڪستاني سفارتخاني ۾ ”اسلام آباد دي بائيوگرافي “ ڪتاب جي چيني ٻولي جي ايڊيشن جو مهورت
بيجنگ- 10 سيپٽمبر (اي پي پي) بيجنگ ۾ قائم پاڪستاني سفارتخاني ۾ ڪتاب” اسلام آباد دي بائيو گرافي“ جي چيني ٻولي جي ايڊيشن جو مهورت ڪيو ويو، جيڪو پاڪستان ۽ چين وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 75هين سالگره جي تقريبن جو حصو آهي. تقريب جي ميزباني چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي ڪئي. ان قدم جو مقصد چين جي شهرين کي پاڪستان جي گادي واري شهر اسلام آباد جي تاريخ، ثقافت ۽ ترقي جي حوالي سان معلومات ڏيڻ آهي. پاڪستاني سفير ڪتاب جي ليکڪ ڊاڪٽر آفتاب عظيم ۽ ڊاڪٽر محمد ارشد ڀٽي سميت ٻين چين جي حصيدارن جو شڪريو ادا ڪيو. هن اسلام آباد کي هڪ اهڙو شهر قرار ڏنو جيڪو قديم تهذيبي ورثي سان جڙيل آهي. هن چيو ته اهو ڪتاب پاڪستان جي ماضي ۽ حال ٻنهي کي سمجهڻ لاءِ معلومات فراهم ڪري ٿو. هن ڪتاب جي چيني ٻولي جي ايڊيشن کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ عوامي سطح تي رابطن ۽ ثقافتي لاڳاپن کي هٿي وٺرائڻ طرف هڪ اهم قدم قرار ڏنو.












