گڏيل قومون- 10 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش آبنائي هرمز جي آس پاس تازي ڇڪتاڻ ۾ اضافي تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ ٻڌايو ته سيڪريٽري جنرل کي گذريل ڪجهه ڏينهن دوران آبنائي هرمز ۽ ان جي آس پاس وڌيڪ ڇڪتاڻ جي اطلاعن تي شديد ڳڻتي آهي. جنهن ۾ واپاري بحري جهازن تي حملا ۽ …
آبنائي هرمز جي صورتحال ۾ ڇڪتاڻ، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاران ڳڻتي جو اظهار
گڏيل قومون- 10 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش آبنائي هرمز جي آس پاس تازي ڇڪتاڻ ۾ اضافي تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق گڏيل قومن جي ترجمان اسٽيفن دوجارڪ ٻڌايو ته سيڪريٽري جنرل کي گذريل ڪجهه ڏينهن دوران آبنائي هرمز ۽ ان جي آس پاس وڌيڪ ڇڪتاڻ جي اطلاعن تي شديد ڳڻتي آهي. جنهن ۾ واپاري بحري جهازن تي حملا ۽ بحري ۽ توانائي جي بنيادي ڍانچي خلاف وڌيڪ ڪارروائي جون ڌمڪيون به شامل آهن. هن چيو ته آبنائي هرمز ۽ ان جي آس پاس بحري جهازن جي اچ وڃ جي حقن ۽ جهاز راني جي آزادي کي عالمي قانون مطابق مڪمل طور تي بحال ۽ برقرار رکڻ گهرجي. ترجمان چيو ته گڏيل قومون سمورين ڌرين کي هڪ ڀيرو ٻيهر انتهائي تحمل جو مظاهرو ڪرڻ ۽ اهڙن قدمن يا بيانن کان پاسو ڪرڻ جي اپيل ڪن ٿيون جيڪي اڳ ۾ ئي ڇڪتاڻ جو شڪار صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري سگهن ٿا. هن ڌرين تي زور ڀريو ته هو سفارتي ذريعن مان ڀرپور فائدو کڻندي ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪن.اي












