نيويارڪ- 10 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل پنهنجو پهريون فولڊ ايبل سمارٽ فون آءِ فون ڊيو متعارف ڪرائي ڇڏيو، جنهن جي شروعاتي قيمت هڪ هزار 999 ڊالر آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آءِ فون ڊيو ۾ 5.4 انچ جي ٻاهرين ۽ کولڻ تي 7.6 انچ جي اندرين اسڪرين ڏني وئي آهي. فون ۾ نئين A20 Pro چپ، ڊوئل بيٽري ۽ آءِ او ايس 27 تحت اسپلٽ ويو سميت مصنوعي ذهانت …
ايپل جو پهريون فولڊ ايبل آءِ فون ڊيو متعارف
نيويارڪ- 10 سيپٽمبر (اي پي پي) آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل پنهنجو پهريون فولڊ ايبل سمارٽ فون آءِ فون ڊيو متعارف ڪرائي ڇڏيو، جنهن جي شروعاتي قيمت هڪ هزار 999 ڊالر آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق آءِ فون ڊيو ۾ 5.4 انچ جي ٻاهرين ۽ کولڻ تي 7.6 انچ جي اندرين اسڪرين ڏني وئي آهي. فون ۾ نئين A20 Pro چپ، ڊوئل بيٽري ۽ آءِ او ايس 27 تحت اسپلٽ ويو سميت مصنوعي ذهانت جي سهولت شامل آهي. آءِ فون ڊيو جا پري آرڊرز 16 آڪٽوبر جڏهن ته وڪرو 23 آڪٽوبر کان شروع ٿيندو. ايپل تقريب ۾ آءِ فون 18 پرو سيريز، ايپل واچ جا نوان ماڊلز ۽ ايئرپوڊز 5 به متعارف ڪرايا.












