واپار واري وفاقي وزير پاران 11هين بيلٽ اينڊ روڊ سمٽ جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت، هانگ ڪانگ ۾ علائقائي اڳواڻن سان ملاقاتون

هانگ ڪانگ-09 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان اربع ڏينهن هانگ ڪانگ ۾ رٿيل 11هين بيلٽ اينڊ روڊ سمٽ جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. اربع ڏينهن جاري پڌرائي موجب سمٽ ۾ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽيو (بي آر آءِ) جي ڀائيوار ملڪن جي اعليٰ سياسي اڳواڻن، وزيرن، سفارتڪارن، ڪاروباري شخصيتن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي. افتتاحي تقريب کان اڳ وفاقي وزير هانگ ڪانگ جي خصوصي انتظامي …

هانگ ڪانگ-09 سيپٽمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان اربع ڏينهن هانگ ڪانگ ۾ رٿيل 11هين بيلٽ اينڊ روڊ سمٽ جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. اربع ڏينهن جاري پڌرائي موجب سمٽ ۾ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽيو (بي آر آءِ) جي ڀائيوار ملڪن جي اعليٰ سياسي اڳواڻن، وزيرن، سفارتڪارن، ڪاروباري شخصيتن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي. افتتاحي تقريب کان اڳ وفاقي وزير هانگ ڪانگ جي خصوصي انتظامي علائقي جي چيف ايگزيڪيٽو جان لي طرفان ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪئي. آجياڻي ۾ ازبڪستان، قازقستان، سريلنڪا ۽ بنگلاديش جي وزيرن، لائوس جي نائب وزيراعظم، چين جي واپار واري نائب وزير، هانگ ڪانگ جي چيف ايگزيڪيٽو ۽ اعليٰ عملدارن سميت اعليٰ شخصيتن، سفارتڪارن ۽ ڪاروباري اڳواڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽيو، علائقائي رابطن، واپاري تعاون ۽ اقتصادي ۽ عالمي معيشت جي ترقي لاءِ ان جي وسيع تر فائدن ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير، چيف ايگزيڪيٽو جان لي سان به خوشگوار ماحول ۾ ملاقات ڪئي، جڏهن ته چين جي واپار واري نائب وزير، بنگلاديش جي واپار واري وزير، سريلنڪا جي واپار واري وزير ۽ ٻين شريڪ ملڪن جي اڳواڻن سان به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. 11 هين بيلٽ اينڊ روڊ سمٽ جي باضابطه افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هانگ ڪانگ جي چيف ايگزيڪيٽو جان لي رابطن کي هٿي ڏيڻ، اقتصادي موقعن ۾ توسيع ۽ شريڪ معيشتن وچ ۾ تعاون جي استحڪام ۾ بيلٽ اينڊ روڊ انيشيٽيو جي اهميت کي اجاگر ڪيو. افتتاحي سيشن کي ازبڪستان جي وزيراعظم، يوراگوئي جي نائب صدر ۽ لائوس جي نائب وزيراعظم به خطاب ڪيو. مقررن بيلٽ اينڊ روڊ فريم ورڪ تحت گهري تعاون، واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ، مضبوط علائقائي رابطن ۽ گڏيل اقتصادي ترقي جي اهميت کي اجاگر ڪيو. مقررن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته بهتر علائقائي رابطن، ويجهن اقتصادي لاڳاپن ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل تعاون ڪاروباري ادارن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۽ بيلٽ اينڊ روڊ جي حصيدار ملڪن سميت عالمي معيشت ۾ پائيدار ترقي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. پاڪستان به سمٽ ۾ هڪ خصوصي اسٽال قائم ڪيو آهي جتي عالمي نمائندن ۽ ڪاروباري نمائندن آڏو پاڪستان جي واپاري، سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري صلاحيتن کي اجاگر ڪيو پيو وڃي. وفاقي وزير ڄام ڪمال خان 10 سيپٽمبر تي سمٽ ۾ خصوصي خطاب ڪندو جنهن ۾ هو واپار، علائقائي رابطن، اقتصادي تعاون ۽ بيلٽ اينڊ روڊ جي حصيدار ملڪن سان وڌيڪ گهرن رابطن ۽ موقعن جي حوالي سان پاڪستان جو موقف اجاگر ڪندو. وفاقي وزير جي سمٽ ۾ شرڪت ۽ مختلف اڳواڻن سان ملاقاتون علائقائي حصيداري کي هٿي ڏيڻ، رابطن ۾ بهتري، عالمي واپار ۾ واڌ ۽ بيلٽ اينڊ روڊ انشيٽيو تحت گڏيل مفادن تي ٻڌل اقتصادي تعاون کي هٿي ڏيڻ جي پاڪستان جي عزم جي عڪاسي ڪن ٿيون.