سوڊان ۾ ڊرون حملو، 13 ماڻهو مارجي ويا، 22 زخمي

خرطوم-09 سيپٽمبر (اي پي پي)سوڊان جي اترئين رياست ڪردفان جي شهر ام روابه ۾ شهري ٺڪاڻن ۽ هنڌن تي ڊرون حملي سبب گهٽ ۾ گهٽ 13 ڄڻا مارجي ۽ 22 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب سوڊان جي رضاڪار تنظيم سوڊان ڊاڪٽرز نيٽ ورڪ موجب اڱاري ڏينهن ٿيل حملي کي هڪ نئون قتل عام قرار ڏيندي نيم فوجي گروپ ريپڊ سپورٽ فورسز ( آر ايس ايف) کي حملي …

خرطوم-09 سيپٽمبر (اي پي پي)سوڊان جي اترئين رياست ڪردفان جي شهر ام روابه ۾ شهري ٺڪاڻن ۽ هنڌن تي ڊرون حملي سبب گهٽ ۾ گهٽ 13 ڄڻا مارجي ۽ 22 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن. پرڏيهي ميڊيا موجب سوڊان جي رضاڪار تنظيم سوڊان ڊاڪٽرز نيٽ ورڪ موجب اڱاري ڏينهن ٿيل حملي کي هڪ نئون قتل عام قرار ڏيندي نيم فوجي گروپ ريپڊ سپورٽ فورسز ( آر ايس ايف) کي حملي جو ذميوار قرارڏنو ويو آهي. حملن کان پوءِ علائقي ۾ خوف ۽ حراس پکڙجي ويو ۽ ماڻهو جان بچائڻ لاءِ ڀڄڻ لڳا ڪجهه ماڻهو زخمين جي مدد لاءِ پهچي ويا. اڪثر زخمين کي علاج لاءِ ام روابه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته اپريل 2023 ع کان سوڊان جي هٿياربند فوج ۽ ريپڊ سپورٽ فورسز وچ ۾ جاري ويڙهه سبب اتر ڪردفان ۾ ڊرون حملن ۽ فوجي ڪارروائين ۾ اضافو ٿيو آهي. تڪرار سبب هزارين ماڻهو مارجي ۽ لکين بي گهر ٿي چڪا آهن جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ بنيادي ڍانچي کي وڏي پيماني تي نقصان پهتو آهي ۽ ضروري خدمتون به متاثر ٿيون آهن.