سعودي عرب، ڪيترن ئي علائقن ۾ سومر  تائين برساتن جو الرٽ جاري

رياض-09 سيپٽمبر (اي پي پي)سعودي عرب جي جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف سول ڊيفينس مملڪت جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اربع کان سومر تائين گجگوڙ سان برسات جو الرٽ جاري ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق موسميات جي قومي مرڪز اڳڪٿي ڪئي هئي ته مڪي شريف ۾ وچولي درجي جي شديد برسات جو امڪان آهي جڏهن ته طائف،ميسان ، اضم ۽ العرصيات ٻوڏ ،ڳڙي ۽ مٽي جي طوفان سبب متاثر  ٿيندا. الڪامل، الجموم، …

رياض-09 سيپٽمبر (اي پي پي)سعودي عرب جي جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف سول ڊيفينس مملڪت جي ڪيترن ئي علائقن ۾ اربع کان سومر تائين گجگوڙ سان برسات جو الرٽ جاري ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا مطابق موسميات جي قومي مرڪز اڳڪٿي ڪئي هئي ته مڪي شريف ۾ وچولي درجي جي شديد برسات جو امڪان آهي جڏهن ته طائف،ميسان ، اضم ۽ العرصيات ٻوڏ ،ڳڙي ۽ مٽي جي طوفان سبب متاثر  ٿيندا. الڪامل، الجموم، بحره ، الليث ۽ القنفذه ۾ هلڪي کان وچولي درجي جي برسات جو امڪان آهي جڏهن ته جازان ، عسير ۽ الباحه جا علائقا برسات سبب شديد متاثر ٿيندا. جڏهن ته پوڏ ، ڳڙي ۽ طوفان جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مديني شريف ۽ نجران ريجن ۾ هلڪي کان وچولي درجي جي برسات جو امڪان آهي. ڊائريڪٽوريٽ آف سول ڊفينس جاري ڪيل بيان ۾ شهرين کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ  جي هدايت ڪئي ۽ ٻوڏ سبب متاثر  هنڌن ، وادين ۽ ٻوڏ هيٺ آيل علائقن کان پري رهن.