سنڌ جي وڏي وزير پاران خواندگي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي خاص پيغام جاري

ڪراچي  - 08 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خواندگي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته خواندگي هر انسان جو بنيادي حق ۽ سماج جي ترقي جو بنياد آهي.هن چيو ته ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ معاشي موقعا وڌائڻ ۾ خواندگي اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. انٽرنيشنل لٽريسي ڊي اسان کي تعليم ۽ خواندگي جي اهميت اجاگر ڪرڻ جو …

ڪراچي  – 08 سيپٽمبر (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه خواندگي جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته خواندگي هر انسان جو بنيادي حق ۽ سماج جي ترقي جو بنياد آهي.هن چيو ته ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ معاشي موقعا وڌائڻ ۾ خواندگي اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. انٽرنيشنل لٽريسي ڊي اسان کي تعليم ۽ خواندگي جي اهميت اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. تعليم ۽ خواندگي کي هٿي ڏيڻ سان سماج ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهجي ٿي. وزيراعليٰ سنڌ چيو ته سندس حڪومت خواندگي کي هٿي ڏيڻ ۽ تعليم جي بهتري لاءِ پرعزم آهي. تعليم ۽ خواندگي سمورن ماڻهن کي بهتر موقعا، وسيع علم ۽ بااختيار زندگي فراهم ڪري ٿي. سنڌ ۾ هر ٻار کي معياري تعليم ۽ خواندگي جي سهولت فراهم ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي.هن وڌيڪ چيو ته تعليم يافته ۽ باشعور سماج ئي پائيدار ترقي، امن ۽ خوشحالي جي بنياد بڻجي ٿو. ٻارن ۽ نوجوانن کي جديد تعليم ۽ ضروري مهارتن سان آراسته ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.