اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي)اڏام پاڪستان سان ڳنڍيل قدمن تحت مختلف پروگرامن ۾ اٽڪل هڪ لک 60 هزار نوجوانن کي تربيت ڏني وئي آهي جڏهن ته تعليم ۽ هنرمندي جي موقعن تائين پهچ وڌائڻ جي ڪوششن تحت اٽڪل هڪ لک 14 هزار 300 اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي تعليمي ادارن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ويلٿ پاڪستان کي دستياب دستاويزن موجب وزيراعظم يوٿ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام ذريعي مختلف پروگرامن …
اڏام پاڪستان قدمن تحت هڪ لک 60 هزار نوجوانن جي تربيت، هڪ لک 14 هزار 300 اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي داخلا
اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي)اڏام پاڪستان سان ڳنڍيل قدمن تحت مختلف پروگرامن ۾ اٽڪل هڪ لک 60 هزار نوجوانن کي تربيت ڏني وئي آهي جڏهن ته تعليم ۽ هنرمندي جي موقعن تائين پهچ وڌائڻ جي ڪوششن تحت اٽڪل هڪ لک 14 هزار 300 اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي تعليمي ادارن ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ويلٿ پاڪستان کي دستياب دستاويزن موجب وزيراعظم يوٿ اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام ذريعي مختلف پروگرامن تحت اٽڪل هڪ لک 60 هزار نوجوانن کي تربيت ڏني وئي آهي، هي پروگرام فني ۽ پيشيوراڻي تعليم ۽ تربيت کي هٿي ڏيڻ جي ترجيح سان هم آهنگ آهي. تعليم تائين پهچ وڌائڻ ۾ به اڳڀرائي ٿي آهي. اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۾ اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي داخلا، تعليمي سلسلي کي برقرار رکڻ ۽ اڳين ڪلاسن ۾ منتقلي جي قدمن تحت اٽڪل هڪ لک 14 هزار 300 اسڪولن کان ٻاهر ٻارن کي داخل ڪيو ويو آهي. انهن قدمن ۾ اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۽ آزاد ڄمون ڪشمير، بلوچستان، خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان ۽ سنڌ جي پٺتي پيل ضلعن ۾ دانش اسڪولن جو قيام به شامل آهي. دستاويزن موجب اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۾ دانش اسڪول جو تعليمي سيشن شروع ٿي چڪو آهي، جتي 180 ڇوڪرن ۽ 180 ڇوڪرين کي داخل ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري جي تعليمي ادارن ۾ بنيادي يا غير موجود تعليمي سهولتن جي فراهمي تحت 152 ادارن جو رنگ روغن ۽ مرمت ڪئي پئي وڃي جڏهن ته موجوده اسڪولن ۾ 411 نوان ڪلاس رومز جو اضافو ڪيو پيو وڃي، ان کانسواءِ وفاقي تعليمي نظام تحت اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري ۾ ٻه نوان ڪاليج به شامل ڪيا پيا وڃن، شروعاتي ٻارن جي تعليم کي به سگهه ڏني وئي آهي جنهن تحت موجوده تعليمي ادارن ۾ 100 ارلي چائلڊ هڊ ايجوڪيشن مرڪز قائم ڪيا ويا آهن ۽ انهن مرڪزن ۾ اٽڪل 5500 ٻارن جي داخلا ڪئي وئي آهي. تدريس جي معيار کي بهتر بڻائڻ جون ڪوششون نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ايڪسيلينس ان ٽيچرز ايجوڪيشن ذريعي اڳتي وڌايون پيون وڃن. هڪ ڪنٽينيوس پروفيشنل ڊولپمينٽ (سي پي ڊي) مرڪز قائم ڪيو ويو آهي جنهن ۾ 55 ڪوچز، 12 آر ايمز ۽ هڪ پروگرام مينيجر سان مددگار عملو به شامل آهي، ان قدمن تحت 95 سيڪڙو پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪول استادن کي ڊجيٽل پليٽ فارم تي رجسٽر به ڪيو ويو آهي، اي ڪي يو کان تصديق ٿيل ٽي سطحي انڊڪشن ۽ ملازمت دوران سرٽيفڪيشن پروگرام تيار ڪيو ويو آهي جڏهن ته هڪ ٽريننگ ڊولپمينٽ اسٽوڊيو به قائم ڪيو ويو آهي، تعليم جي فراهمي ۾ ٽيڪنالاجي کي رومي ايپ ذريعي شامل ڪيو پيو وڃي جنهن کي دستاويزن ۾ استادن جي ضرورتن ۽ ڪلاس جي ڳاڻيٽي موجب تيار ڪيل هڪ جامع جديد حل قرار ڏنو ويو آهي، هي 6 ٻولين ۾ ڪلاس روم جي حقيقي وقت ۾ نگراني ۽ فيڊ بيڪ فراهم ڪري ٿي، هڪ ڊجيٽل هب – ڪنيڪٽڊ ڪلاس روم يو ٽيوب چئنل به قائم ڪيو ويو آهي، دانش اسڪولن جي قدمن تحت جديد ترين گوگل ليبز، ڪمپيوٽر ليبز ۽ سائنس ليبز قائم ڪيون وينديون. دستاويزن ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته آٽزم جو شڪار ٻارن لاءِ جديد ترين سينٽر اف ايڪسيلينس اسلام آباد ايڇ 4/8 ۾ قائم ڪيو پيو وڃي.












