گرين انڪليو ون 18 مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت، حددخلين خلاف ڪارروائي تيز ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي هائوسنگ اينڊ ورڪس بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي گرين انڪليو ون هائوسنگ اسڪيم کي ايندڙ 18 مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي ايف جي اي ايڇ اي جي هائوسنگ اسڪيمن مان سموريون حد دخليون ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سينيٽر ناصر محمود جي صدارت هيٺ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ گرين انڪليو ون جي ڊگهي عرصي کان التوا هيٺ تعمير، اسڪيم جي جوائنٽ …

اسلام آباد- 08 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي هائوسنگ اينڊ ورڪس بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي گرين انڪليو ون هائوسنگ اسڪيم کي ايندڙ 18 مهينن ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪندي ايف جي اي ايڇ اي جي هائوسنگ اسڪيمن مان سموريون حد دخليون ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سينيٽر ناصر محمود جي صدارت هيٺ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ گرين انڪليو ون جي ڊگهي عرصي کان التوا هيٺ تعمير، اسڪيم جي جوائنٽ وينچر پارٽنر طرفان معاهدي جي تڪميل، اسڪاءِ گارڊنز ۾ گڏيل زمين ۽ ٻيلن جي ايراضي سان لاڳاپيل معاملن، ايف جي اي ايڇ اي هائوسنگ اسڪيمن ۾ حد دخلين خلاف آپريشن ۽ نيب جي جاچ تي بريفنگ ڏني وئي. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته ايف جي اي ايڇ اي اسلام آباد جي ايف 12-، جي 14-، جي 15-، ۽ ٻين منصوبن ۾ حد دخلين خلاف ڪارروائي دوران 60 سيڪڙو کان وڌيڪ حد دخليون ختم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته مختلف سيڪٽرز ۾ اٽڪل 3 هزار ڪينال جي حد دخلين کا آجو ڪرايو ويو آهي.  حد دخلين خلاف آپريشن ضلعي انتظاميه ۽ ڊپٽي ڪمشنر جي تعاون سان مرحليوار جاري آهي.  ڪميٽي جي چيئرمين، ايف جي اي ايڇ اي کي حد دخلين خلاف ڪارروائي جاري رکندي ۽ سموري هائوسنگ اسڪيمن مان مڪمل طور تي حد دخليون ختم ڪرڻ جي هدايت ڪندي ڪارروائي جي لکت واري رپورٽس ڪميٽي کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. گرين انڪليو ون سان لاڳاپيل بريفنگ ۾ نيب ٻڌايو ته منصوبي بابت انڪوائري سپريم ڪورٽ کان 2018ع ۾ ڪليئرنس ملڻ کانپوءِ ختم ڪري ڇڏي هئي، جڏهن ته ڪليئرنس جي باوجود منصوبو ڪيترن ئي سالن تائين مڪمل نه ٿي سگهيو، جنهن سبب لاڳت ۾ نمايان اضافو ٿيو ۽ الاٽيز کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو. ڪميٽي گرين انڪليو ون جي تڪميل ۾ وڏي دير تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندي متاثرن جي جائز حقن جي تحفظ جو متفقه فيصلو ڪيو. ڪميٽي جي چيئرمين، ايف جي اي ايڇ اي جي جوائنٽ وينچر پارٽنر جي ڪارڪردگي ۽ معاهدي جي ذميواريون پوري ڪرڻ جي صلاحيت تي سوال اٿاريا. ڪميٽي قرار ڏنو ته جوائنٽ وينچر پارٽنر طرفان دير جي باوجود ايف جي اي ايڇ اي، معاهدي ۾ موجود ڏنڊ جي شق لاڳو نه ڪئي. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته زمين ايف جي اي ايڇ اي کي منتقل هجڻ جي باوجود ترقياتي ۽ تعميراتي ڪم ڊگهي عرصي تائين رڪيل رهيو. اختيارين ٻڌايو ته جاري تعميراتي ڪم جو ٿرڊ پارٽي جائزو ڪنسلٽنٽ ذريعي ڪرايو ويو جڏهن ته جاري ڪيل رقم اٽڪل 52 سيڪڙو مڪمل ٿيل ڪم جي تناسب کان آهي. ايف جي اي ايڇ اي مطابق  جوائنٽ وينچر پارٽنر سان ڳالهيون مڪمل ٿي چڪيون آهن ۽ لاڳت ۾ اضافي سان لاڳاپيل ايف جي اي ايڇ اي بورڊ جي منظوري جو انتظار آهي. جوائنٽ وينچر پارٽنر ڪميٽي کي خاطري ڪرائي ته گرين انڪليو ون ايندڙ 18 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو.