اسلام آباد - 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف روانگي واپار تي ٻڌل معاشي ترقي جي فروغ جي لاءِ ڪاروباري برادري جي تجويزن جي آجيان ڪندي برآمد ڪندڙن جي لاءِ سپر ٽيڪس کان ڇوٽ ۾ توسيع جي معاملي جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ذريعي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي هڪ آسان پليٽ فارم مهيا ڪيو ويو آهي …
وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملڪ جي ناليواري صنعتڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن جي وفد جي ملاقات، برآمد ڪندڙن جي لاءِ سپر ٽيڪس کان ڇوٽ ۾ توسيع جي معاملي جو جائزو وٺڻ جي هدايت
اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف روانگي واپار تي ٻڌل معاشي ترقي جي فروغ جي لاءِ ڪاروباري برادري جي تجويزن جي آجيان ڪندي برآمد ڪندڙن جي لاءِ سپر ٽيڪس کان ڇوٽ ۾ توسيع جي معاملي جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ذريعي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي هڪ آسان پليٽ فارم مهيا ڪيو ويو آهي جتي ون ونڊو آپريشن تحت سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. اڱاري ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملڪ جي ناليواري صنعتڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن جي وفد وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وفد جي ميمبرن ميان محمد منشا، عارف حبيب، ثاقب شيرازي، عاطف باجوه، محمد علي طبه، مصدق ذوالقرنين، عمر سعيد، صمد دائود، اشرف موڪاتي، شاهد صورتي، شهزاد اصغر، زياد بشير، شهزاد سليم، آصف پير، عامر ابراهيم، جاويد بلواني، صديق ڀٽي، فواد انور، خرم مختار ۽ يوسف حسين شامل هئا. وزيراعظم وفد جي آجيان ڪندي چيو ته اڄ جي ملاقات جو مقصد روانگي واپار تي ٻڌل معاشي ترقي جي فروغ جي حوالي سان مشاورت آهي. وزيراعظم بجيٽ سازي جي عمل دوران ڪاروباري برادري پاران پيش ڪيل قيمتي تجويزن تي انهن جا ٿورا مڃيندي چيو ته انهن جي ڪيترين ئي تجويزن کي بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت ڪاروباري سرگرمين جي فروغ ۽ ڪاروبار ۾ آساني جي لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي، توانائي جي لاڳت ۾ گهٽتائي حڪومت جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي ۽ ان حوالي سان به قدم جاري آهن. وزيراعظم تازو ئي قائم ڪيل ٽريڊ فيسليٽيشن بورڊ کي واپار جي فروغ جي لاءِ هڪ مضبوط ۽ موثر ادارو بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته بورڊ جي ڪارڪردگي ۽ دائري کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ ڪاروباري برادري جي تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي. وزيراعظم چيو ته خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي ذريعي سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري برادري کي هڪ آسان پليٽ فارم مهيا ڪيو ويو آهي جتي ون ونڊو آپريشن تحت سهولتون فراهم ڪيون پيون ڃن. وزيراعظم چيو ته ڪاروباري شعبي تي غيرضروري ريگيوليٽري بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ريگيوليٽري گِلوٽين تي ڪم جاري آهي، ان قدم جو مقصد قاعدن ۽ ضابطن کي آسان بڻائڻ، ڪمپلائنس لاڳت گهٽ ڪرڻ ۽ ڪاروباري سرگرمين کي وڌيڪ آسان بڻائڻ آهي. هن چيو ته فيڊرل بورڊ آف روينيو جي ڊيجيٽائيزيشن جي حوالي سان هڪ وڏو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي. وزيراعظم چيو ته ايف بي آر انفورسمنٽ جي ذريعي گذريل مالي سال ۾ 800 ارب رپيا گڏ ڪيا. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي معاشي ٽيم جي ڪوششن جي ڪري ملڪ جي ميڪرو اڪنامڪ حالتن ۾ خاطرخواهه بهتري آئي آهي جڏهن ته مائيڪرو اڪنامڪ سطح تي بهتري آڻڻ جي لاءِ اسان کي وڌيڪ محنت ڪرڻي آهي ته جيئن معاشي بهتري جا ثمر عوام تائين پهچي سگهن. هن چيو ته حڪومت صنعت جي ضرورتن موجب افرادي قوت جي تربيت تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي ته جيئن نوجوانن کي مارڪيٽ جي ضرورتن موجب هنرمند ماڻهو فراهم ڪري سگهجن. وزيراعظم ڪاروباري برادري کي درپيش مسئلن جي فوري ۽ پائيدار حل جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي برآمد ڪندڙن جي لاءِ سپر يڪس کان ڇوٽ ۾ توسيع جي معاملي جو جائزو وٺڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وفد کي ملڪي معيشت کي بهتر بڻائڻ ۽ ڪاروبار، واپار ۽ صنعت جي فروغ جي حوالي سان حڪومتي قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. وفد کي ٻڌايو ويو ته ملڪ جي بندرگاهن تي پورٽ چارجز ۾ گهٽتائي آندي وئي آهي ۽ بندرگاهن جي آپريشن صلاحيت بهتر بڻائي وئي آهي. ڪراچي جي بندرگاهن تان اندرون ملڪ پهچ بهتر بڻائڻ جي لاءِ موٽروي ايم – 10 جي اپ گريڊيشن ۽ پيپري فريٽ لنگهه تي ڪم جاري آهي. موٽر وي ايم – 13 (کاريان – راولپنڊي) جي تعمير سان لاهور ۽ اسلام آباد جي وچ ۾ فاصلو گهٽ ٿي ويندو. اهڙي طرح پاڪستان ريلوي جي اپ گريڊيشن سان ريلوي جو انفراسٽرڪچر بهتر ٿيندو جنهن سان واپاري سامان جي پهچ وڌيڪ تيز ٿي سگهندي. وفد کي ٻڌايو ويو ته حڪومتي قدمن سان ملڪ جي آءِ ٽي روانگي واپار ۾ رڪارڊ اضافو ڏٺو ويو آهي. وفد کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته حڪومت پاران 10 لک ماڻهن کي آءِ ٽي ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ تربيت فراهم ڪئي پئي وڃي. وفد کي ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن جي فروغ ۽ انهن ڪاروبارن جي ملڪ جي برآمدي شعبي ۾ شموليت جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا پيا وڃن ۽ ايس ايم ايز جي فنانسنگ جي حوالي سان به هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. اجلاس ۾ ڪاروباري شخصيتن ۽ صنعتڪارن ملڪ ۾ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام کي ساراهيندي حڪومت جي معاشي سڌارن ۽ پاليسي قدمن تي اعتماد جو اظهار ڪيو. ڪاروباري اڳواڻن وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ خطي ۾ امن جي لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي ساراهيو. هنن حڪومت پاران کنيل مختلف معاشي سڌاراجاتي قدمن خاص طور تي ايڪسپورٽ ڊيولپمينٽ فنڊ، ٽيڪس ريفنڊ جي وقت سر ادائيگي ۽ ايف بي آر جي ڊيجيٽائيزيشن کي ساراهيو. ڪاروباري برادري پاڪستان پاران 3 ارب ڊالر جي ڪامياب بانڊ جاري ڪرڻ کي پڻ خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ته اهو ملڪ جي ميڪرو اڪنامڪ استحڪام ۽ پاڪستان تي وڌندڙ ڪاروباري اعتماد جو مظهر آهي. ڪاروباري شخصيتن ۽ صنعتڪارن روانگي واپار تي ٻڌل معاشي ترقي جي فروغ جي لاءِ حڪومت سان ڀرپور تعاون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. شرڪت ڪندڙن حڪومتي نجڪاري ۽ ڊي ريگيوليشن پاليسي جي پڻ واکاڻ ڪئي. وفد جي ميمبرن پنهنجي پنهنجي ڪاروبار ۽ صنعت جي شعبن جي حوالي سان مسئلن کان آگاهه ڪيو ۽ ان حوالي سان تجويزون پيش ڪيون. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، وفاقي وزيرن احسن اقبال، راڻا تنوير حسين، احد خان چيما، اعظم نذير تارڙ، مصدق ملڪ، عطاءُ الله تارڙ، شزه فاطمه خواجه، سردار اويس لغاري، علي پرويز ملڪ، وزيراعظم جا صلاحڪار محمد علي، هارون اختر، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعلى سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.












