اسلام آباد - 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر ۽ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سينيٽ موبائيل ايپلي ڪيشن جو افتتاح ڪندي ان کي ڊيجيٽل بااختيار، اداراجاتي ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ وڌيڪ شفاف، موثر ۽ عوام دوست پارلياماني نظام طرف هڪ اهم قدم قرار ڏنو آهي. اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ايپلي ڪيشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وقتي صدر چيو ته سينيٽ موبائيل ايپلي ڪيشن جو …
وقتي صدر ۽ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني پاران سينيٽ موبائيل ايپلي ڪيشن جو افتتاح
اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر ۽ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني سينيٽ موبائيل ايپلي ڪيشن جو افتتاح ڪندي ان کي ڊيجيٽل بااختيار، اداراجاتي ڪارڪردگي ۾ بهتري ۽ وڌيڪ شفاف، موثر ۽ عوام دوست پارلياماني نظام طرف هڪ اهم قدم قرار ڏنو آهي. اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ايپلي ڪيشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وقتي صدر چيو ته سينيٽ موبائيل ايپلي ڪيشن جو جاري ٿيڻ 1973ع ۾ قائم ٿيڻ کانپوءِ سينيٽ جي سفر ۾ ڊيجيٽل تبديلي جي هڪ نئين دور جي شروعات آهي. هن چيو ته اهو قدم رڳو هڪ موبائيل ايپلي ڪيشن جاري ڪرڻ تائين محدود نه آهي پر ڪم ڪرڻ جي نئين انداز، سوچ جي نئين طريقيڪار ۽ عوام جي خدمت جي نئين اسلوب جي شروعات آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اهو ڊيجيٽل قدم سينيٽ ۽ ان جي ميمبرن جي ڪارڪردگي ۽ معاملن تي ڏورس اثر وجهندو ۽ هڪ اهڙي جديد پارلياماني اداري جي جوڙجڪ ۾ مددگار ثابت ٿيندو جيڪو موجوده دور جي گهرجن سان هم آهنگ هجي. پنهنجي ڊگهي عوامي ۽ سياسي سفر جو حوالو ڏيندي هن چيو ته ماضي ۾ پارلياماني ۽ حڪومتي معاملا وڏي حد تائين روايتي نظام تحت سرانجام ڏيندا ويندا هئا جنهن جي ڪري عوامي خدمت جي بنيادي مقصد بدران مختلف طريقيڪار ۾ تمام گهڻو وقت لڳندو هو. هن چيو ته اهو وقت گذري چڪو، هاڻي حالتون بدلجي چڪيون آهن ۽ ٽيڪنالاجي ۽ جدت کي اختيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. وقتي صدر چيو ته سينيٽ موبائيل ايپلي ڪيشن هڪ اسٽريٽجڪ تبديلي ۽ ان عزم جو اظهار آهي ته سينيٽ جديد ٽيڪنالاجي جي گهرجن سان قدم سان قدم ملائي هلندو. هن چيو ته سينيٽ سيڪريٽريٽ اڳ ۾ ئي اي آفيس نظام کي ڪاميابي سان اختيار ڪري چڪو آهي ۽ ان جا حوصلي جوڳا نتيجا سامهون آيا آهن. موبائيل ايپلي ڪيشن به سينيٽ جي وسيع تر ڊيجيٽل تبديلي جو حصو آهي جنهن جو مقصد وقت جي بچت، ڪارڪردگي ۾ اضافو ۽ غيرضروري مرحلن جو خاتمو آهي. هن زور ڏنو ته ڊيجيٽلائيزيشن رڳو سهولت فراهم ڪرڻ جو نالو نه آهي پر اداراجاتي صلاحيت ۽ موثريت ۾ اضافي جو ذريعو آهي. هن چيو ته جڏهن اسان جا نظام ٺوس ۽ موثر انداز ۾ ڪم ڪندا ته اسان پنهنجي آئيني ذميوارين ۽ فرض سرانجام ڏيڻ تي وڌيڪ ڌيان ڏئي سگهنداسين. وقتي صدر پارليامينٽ ۽ عوام جي وچ ۾ رابطي کي مضبوط بڻائڻ ۾ ٽيڪنالاجي جي ڪردار کي پڻ اجاگر ڪندي چيو ته سينيٽ جي سرڪاري ويب سائيٽ ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز جي ذريعي پارلياماني سرگرمين بابت وقت سر معلومات فراهم ڪئي پئي وڃي، عوامي راءِ هاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي رهي آهي ۽ غلط معلومات جي تدارڪ ۾ پڻ مدد حاصل ٿي رهي آهي. هن چيو ته ڊيجيٽل آرڪائيوز جي دائري ۾ توسيع جي ڪري مستنند پارلياماني معلومات پارليامينٽ ميميبرن، محقيقن ۽ عوام جي لاءِ وڌيڪ آساني سان دستياب ٿي رهي آهي جنهن سان شفافيت ۾ اضافو ۽ جمهوري ادارن تي عوامي اعتماد مضبوط ٿي رهيو آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ڊيجيٽل تبديلي ڪنهن هڪ قدم تائين محدود نه آهي پر هڪ مسلسل سفر آهي. هن نيل آرمسٽرانگ جي تاريخي لفظن جو حوالو ڏيندي چيو ته هي سينيٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن طرف هڪ ننڍو قدم آهي پر جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ پارلياماني جمهوريت جي لاءِ هڪ تمام وڏي وک آهي. وقتي صدر چيو ته جدت کي رڳو جدت جي لاءِ نه اختيار ڪرڻ گهرجي پر ان جو مقصد جمهوريت کي وڌيڪ شفاف، موثر ۽ عوام جي ويجهو بڻائڻ هجڻ گهرجي. هن چيو ته سينيٽ موبائيل ايپلي ڪيشن جاري ڪرڻ هڪ اهڙي جديد، موثر ۽ عوام دوست سينيٽ طرف قدم آهي جيڪو پاڪستان جي عوام جي خدمت وڌيڪ وقار ۽ موثريت سان سرانجام ڏئي سگهي. سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان ناصر چيو ته سينيٽ موبائيل ايپلي ڪيشن جاري ڪرڻ اداري جي پارلياماني سفر ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي ۽ ان سان سينيٽ جي طريقيڪار ۾ هڪ وڏي تبديلي جي عڪاسي ٿئي ٿي. هن چيو ته اها ايپلي ڪيشن رڳو هڪ نئين ٽيڪنيڪي سهولت نه آهي پر سينيٽ جي داخلي نظام کي جديد رخن تي قائم ڪرڻ جي وسيع تر ڪوششن جو حصو آهي. پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري چيو ته سينيٽ موبائيل ايپلي ڪيشن جاري ڪرڻ پارليامينٽ جي طريقيڪار ۽ ميمبرن ۽ عوام سان رابطن کي جديد بڻائڻ طرف هڪ اهم قدم آهي. هن چيو ته اهو قدم رڳو هڪ نئين ڊيجيٽل سهولت جاري ڪرڻ نه آهي پر پارليامينٽ کي وڌيڪ پهچ جوڳو، موثر ۽ عوام دوست بڻائڻ جي وسيع تر اداراجاتي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو. ان موقعي تي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه پارليامينٽ جي ڊيجيٽلائيزيشن جي ڪوششن جي آجيان ڪندي چيو ته ڊيجيٽل تبديلي سان اداري جي ڪارڪردگي، شفافيت ۽ عوامي ردعمل ۾ بهتري ايندي. هن چيو ته حڪومت جي ڊيجيٽل تبديلي جي ايجنڊا جا ٽي بنيادي رخ ڊيجيٽل معيشت، ڊيجيٽل معاشرو ۽ ڊيجيٽل طرز حڪمراني آهي. هن چيو ته ڊيجيٽل گورننس تحت سمورن سرڪاري ۽ عوامي ادارن جي ڊيجيٽل تبديلي حڪومت جي بنيادي ايجنڊا جو حصو آهي. سينيٽ سيڪريٽري سيد حسنين حيدر شرڪت ڪندڙن کي سينيٽ آف پاڪستان ايپ جي مقصدن ۽ خصوصيتن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هي ايپلي ڪيشن سينيٽ جي آءِ ٽي ڊپارٽمينٽ تيار ڪئي آهي. هن چيو ته هي ايپلي ڪيشن سينيٽ جي طريقيڪار کي جديد بڻائڻ ۽ پارلياماني معلومات جي وڌيڪ موثر ۽ وقت سر فراهمي جي لاءِ ڊيجيٽل ٽيڪانلاجي جي استعمال کي فروغ ڏيڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندي.












