خواندگي جي شرح ۾ بهتري لاءِ اجتماعي قومي جدوجهد ضروري آهي: خالد مقبول صديقي

اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته پاڪستان ۾ خواندگي جي شرح جو گهٽ هجڻ هڪ سنگين قومي مسئلو ۽ وڏو چئلينج آهي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت، تعليمي ادارن، سول سوسائٽي ۽ معاشري جي سمورن طبقن کي گڏجي اجتماعي قومي جدوجهد ڪرڻي پوندي. اهڙو اظهار هن اڱاري ڏينهن علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ خواندگي …

اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري وفاقي وزير ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته پاڪستان ۾ خواندگي جي شرح جو گهٽ هجڻ هڪ سنگين قومي مسئلو ۽ وڏو چئلينج آهي جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت، تعليمي ادارن، سول سوسائٽي ۽ معاشري جي سمورن طبقن کي گڏجي اجتماعي قومي جدوجهد ڪرڻي پوندي. اهڙو اظهار هن اڱاري ڏينهن علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ خواندگي جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته گذريل 80 سالن کان ٻهراڙي ۽ پٺتي پيل علائقن ۾ تعليم ۽ خواندگي کي هٿي ڏيڻ لاءِ مختلف سطحن تي ڪوششون جاري آهن جڏهن ته گهربل نتيجا حاصل نه ٿي سگهيا، ان لاءِ هاڻي روايتي طريقيڪار کان هٽي ڪري نئين، موثر ۽ قابل عمل رستو اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ موجوده مسجدن جي وسيع نيٽ ورڪ کي به تعليم ۽ خواندگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ موثر انداز ۾ استعمال ڪري سگهجي ٿو.جيڪڏهن مقامي سطح تي عالمن، ڪميونٽي ۽ لاڳاپيل ادارن جي سهڪار سان ظهر تائين جي وقت ۾ مسجدن کي مختصر وقت جي تعليمي ۽ خواندگي مرڪزن طور استعمال ڪيو وڃي ته وڏي انگ ۾ ٻار، نوجوان ۽ ناخوانده ماڻهن کي بنيادي تعليم جي سهولت فراهم ڪري سگهجي ٿي. تقريب دوران هر شخص هڪ ماڻهو کي پڙهائي جي عنوان سان موبائيل ايپ به لانچ ڪئي وئي. ايپ جو مقصد خواندگي کي هٿي ڏيڻ جي قومي مهم کي موثر بڻائڻ ۽ شاگردن سميت معاشري جي مختلف طبقن کي گهٽ ۾ گهٽ هڪ اڻپڙهيل ماڻهو کي پڙهائڻ جي ترغيب ڏيڻ آهي.