اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر چيو آهي ته خواندگي رڳو پڙهڻ ۽ لکڻ جي صلاحيت ناهي پر باوقار زندگي، شعور، خودمختياري، برابر موقعن ۽ قومي ترقي جو بنياد آهي. خواندگي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان لاءِ خواندگي صرف تعليمي شعبي جو هڪ هدف ناهي پر هڪ قومي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته …
خواندگي قومي ترقي، معاشي خودمختياري ۽ بااختيار معاشري جو بنياد آهي: مملڪتي وزير وجيهه قمر
اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي) وفاقي تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري مملڪتي وزير وجيهه قمر چيو آهي ته خواندگي رڳو پڙهڻ ۽ لکڻ جي صلاحيت ناهي پر باوقار زندگي، شعور، خودمختياري، برابر موقعن ۽ قومي ترقي جو بنياد آهي. خواندگي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان لاءِ خواندگي صرف تعليمي شعبي جو هڪ هدف ناهي پر هڪ قومي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته تعليم يافته ۽ هنرمندي افرادي قوت ئي مضبوط معيشت، ذميوار معاشري ۽ پائيدار قومي ترقي جي ضمانت آهي. مملڪتي وزير چيو ته اسان جو عزم واضح آهي ته پاڪستان جو ڪو به ٻار، ڪا به عورت، ۽ ڪو به طبقو تعليم ۽ سکڻ جي موقعن کان محروم نه رهي. هر ٻار کي تعليم سان جوڙڻ ۽ هر نوجوان کي علم، هنر ۽ جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ صلاحيتن سان آراسته ڪرڻ اسان جي قومي ذميواري آهي. هن چيو ته هاڻي اسان جو ڌيان رڳو داخلائن جو انگ وڌائڻ تائين محدود نٿو رهي سگهي پر معياري تعليم، ڊجيٽل خواندگي، تنقيدي سوچ ۽ مستقبل جي مهارتن کي به تعليمي نظام جو لازمي حصو بڻائڻو پوندو. خاص ڪري نياڻين، اسڪول کان ٻاهر ٻارن ۽ پٺتي پيل طبقن تائين تعليمي موقعا پهچائڻ لاءِ گڏيل ۽ مسلسل ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان حڪومت معياري تعليم تائين پهچ ۾ اضافي، غير رسمي ۽ متبادل تعليمي نظام کي مضبوط بڻائڻ، استادن جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي موثر استعمال ذريعي تعليم جو دائرو وسيع ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. مملڪتي وزير استادن، والدين، تعليمي ادارن، سول سوسائٽي، ترقياتي حصيدارن ۽ سمورن لاڳاپيل ڌرين تي زور ڀريو ته هو خواندگي کي هڪ قومي تحريڪ بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. مملڪتي وزير چيو ته هڪ خوانده پاڪستان ئي هڪ مضبوط، بااختيار، خوشحال ۽ ترقي يافته پاڪستان جو بنياد آهي، اسان جو هدف اهڙو پاڪستان آهي جتي هر شهري کي بنافرق جي تعليم، علم ۽ اڳتي وڌڻ جو موقعو ميسر هجي.












