اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي)سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪبير احمد سڌو ريگوليٽيڊ مالياتي مصنوعات جي ورهاست ۽ رسائي کي وڌائڻ لاءِ ڪيپيٽل مارڪيٽس، ريٽس ۽ انشورنس ۾ وڏي پئماني تي ڊجيٽائيزيشن تي زور ڀريو آهي. اهڙو اظهار هن وي آن گروپ جي سي اي او ڪان ترزي اوغلو، جاز ورلڊ جي سي اي او عامر ابراهيم ۽ سيد ظهير مهدي …
پاڪستان ۾ مالياتي شموليت وڌائڻ لاءِ ڊجيٽائيزيشن ضروري آهي: ايس اي سي پي جو چيئرمين
اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي)سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪبير احمد سڌو ريگوليٽيڊ مالياتي مصنوعات جي ورهاست ۽ رسائي کي وڌائڻ لاءِ ڪيپيٽل مارڪيٽس، ريٽس ۽ انشورنس ۾ وڏي پئماني تي ڊجيٽائيزيشن تي زور ڀريو آهي. اهڙو اظهار هن وي آن گروپ جي سي اي او ڪان ترزي اوغلو، جاز ورلڊ جي سي اي او عامر ابراهيم ۽ سيد ظهير مهدي سميت وي آن گروپ ۽ جاز ورلڊ جي اعليٰ نمائندن سان ملاقات دوران ڪيو. ان موقعي تي ايس اي سي پي جو ڪمشنر علي فريد خواجه به موجود هو. ملاقات ۾ رسمي مالياتي مارڪيٽن ۾ ريٽيل شرڪت وڌائڻ ۽ سيڙپڪاري، بچت ۽ انشورنس تائين پهچ بهتر بڻائڻ لاءِ ٽيڪنالاجي جي استعمال تي ڌيان ڏنو ويو. وي آن گروپ ۽ جاز ورلڊ جي قيادت پاڪستان سان پنهنجي ڊگهي مدي واري وابستگي جو ورجاءُ ڪندي گذريل ٽن ڏهاڪن ۾ اٽڪل 11 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ۽ ايندڙ ٽن سالن ۾ وڌيڪ هڪ ارب ڊالر خرچ ڪرڻ جي منصوبن جو ذڪر ڪيو. ايس اي سي پي جي چيئرمين ڊاڪٽر ڪبير مالياتي خواندگي لاءِ ڊجيٽل رسائي تي به زور ڀريو. ٻنهي ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ڊجيٽل پهچ سان مالياتي مصنوعات ۽ ذميوراڻي سيڙپڪاري بابت عوامي آگاهي به ضروري آهي.












