اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي)سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته استعيفيٰ ۽ رٽائرمينٽ ملازمت ختم ڪرڻ جا 2 ڌار قانوني طريقا آهن، سروس ٽربيونل واضح قانوني اختيار کانسواءِ ڪنهن ملازم جي استعيفيٰ کي رٽائرمينٽ ۾ تبديل ڪري پينشن جا فائدا نٿو ڏئي سگهي. جسٽس شڪيل احمد ۽ جسٽس اشتياق ابراهيم تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ خيبرپختونخوا حڪومت طرفان داخل سول پٽيشن نمبر P/2022-50 تي تفصيلي فيصلو ٻڌائيندي خيبرپختونخوا …
استعيفيٰ ۽ رٽائرمينٽ هڪ ٻئي جو متبادل ناهن، سروس ٽربيونل استعيفيٰ کي رٽائرمينٽ ۾ تبديل نٿو ڪري سگهي: سپريم ڪورٽ
اسلام آباد-08 سيپٽمبر (اي پي پي)سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته استعيفيٰ ۽ رٽائرمينٽ ملازمت ختم ڪرڻ جا 2 ڌار قانوني طريقا آهن، سروس ٽربيونل واضح قانوني اختيار کانسواءِ ڪنهن ملازم جي استعيفيٰ کي رٽائرمينٽ ۾ تبديل ڪري پينشن جا فائدا نٿو ڏئي سگهي. جسٽس شڪيل احمد ۽ جسٽس اشتياق ابراهيم تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ خيبرپختونخوا حڪومت طرفان داخل سول پٽيشن نمبر P/2022-50 تي تفصيلي فيصلو ٻڌائيندي خيبرپختونخوا سروس ٽربيونل پشاور جو 7 ڊسمبر 2021ع جو فيصلو جزوي طور تي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. عدالت قرار ڏنو ته ڪنهن ملازم جي استعيفيٰ ان وقت تائين موثر نٿي سمجهي سگهجي جيستائين اهو ثابت نه ٿي سگهي ته استعيفيٰ رضاڪاراڻي طور ڏني وئي آهي، ملازم لکيل ميٽر، قانوني نتيجن کان آگاهه هو ۽ استعيفيٰ ڪنهن دٻاءُ، دوکي يا غلط بياني جي نتيجي ۾ نه ڏني وئي.سپريم ڪورٽ چيو ته جيڪڏهن استعيفيٰ قانوني طور تي باطل قرار ڏني وڃي ته ملازم کي قانون جي نظر ۾ ان وقت تائين ملازمت ۾ برقرار تصور ڪيو ويندو جيستائين ان جي سروس رٽائرمينٽ، برطرفي يا ملازمت ختم ڪرڻ جي ڪنهن ٻي قانوني طريقي سان ختم نه ٿئي. عدالت واضح ڪيو ته صرف گهربل ملازمت جو مدو مڪمل ڪري وٺڻ ڪنهن ملازم کي پاڻمرادو رٽائر قرار ڏيڻ لاءِ ڪافي ناهي، اهڙي طرح هڪ باطل استعيفيٰ کي رڳو پينشن جا فائدا فراهم ڪرڻ لاءِ رٽائرمينٽ ۾ تبديل نٿو ڪري سگهجي. سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته سروس ٽربيونل جا اختيار قانون جي تحت مقرر آهن ۽ اهي واضح قانوني اختيار کانسواءِ استعيفيٰ کي رٽائرمينٽ ۾ تبديل ڪري پينشن جو حق نٿو ڏئي سگهي، عدالت سروس ٽربيونل جو اهو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو جنهن ذريعي عورت ملازم جي استعيفيٰ کي رٽائرمينٽ ۾ تبديل ڪيو ويو هو، جڏهن ته استعيفيٰ کي غير قانوني قرار ڏيڻ بابت ٽربيونل جو فيصلو برقرار رکيو، سپريم ڪورٽ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته عورت ملازمه کي مبينه استعيفيٰ جي تاريخ کان رٽائرمينٽ ۾ برقرار تصور ڪندي قانون موجب لاڳاپيل سروس فائدا فراهم ڪيا ويندا. عدالت قرار ڏنو ته عورت پنهنجي خراب صحت جي بنياد تي پينشن کي حاصل ڪرڻ لاءِ قانون موجب مناسب داد رسي حاصل ڪرڻ لاءِ آزاد آهي.












