لاڙڪاڻو پوليس پاران 06 اشتهاري ڏوهاري گرفتار، چوري ٿيل هڪ لوڊر رڪشا ۽ چنگچي رڪشا هٿ

لاڙڪاڻو - 08 سيپٽمبر  (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان جي ھدايتن  تحت لاڙڪاڻو پوليس روپوش ۽ فرار ٿي ويل جوابدارن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروايون ڪندي مختلف علائقن مان 06 اشتهاري جوابدارن کي گرفتار ڪندي چوري ٿيل هڪ لوڊر رڪشا ۽ چنگچي رڪشا پڻ هٿ ڪيا آهن.پوليس ترجمان موجب رحمت پور پوليس ٻن اشتهاري جوابدارن بلاول گوپانگ ۽ مسمات سونڻ گوپانگ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ماهوٽا …

لاڙڪاڻو – 08 سيپٽمبر  (اي پي پي) ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظهر خان جي ھدايتن  تحت لاڙڪاڻو پوليس روپوش ۽ فرار ٿي ويل جوابدارن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروايون ڪندي مختلف علائقن مان 06 اشتهاري جوابدارن کي گرفتار ڪندي چوري ٿيل هڪ لوڊر رڪشا ۽ چنگچي رڪشا پڻ هٿ ڪيا آهن.پوليس ترجمان موجب رحمت پور پوليس ٻن اشتهاري جوابدارن بلاول گوپانگ ۽ مسمات سونڻ گوپانگ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ماهوٽا پوليس اشتهاري جوابدار شهمير عرف ڏاڏو چاچڙ کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ هڪ ٻي ڪامياب ڪارروائي دوران شھري علي گل شاهاڻي جو چوري ٿيل لوڊر رڪشا ھٿ ڪري ورتو آهي.ھٽڙي غلام شاهه پوليس روپوش ۽ اشتهاري جوابدار عبدالغفار جتوئي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. جڏهن ته وليد پوليس اشتهاري جوابدار علي رضا کوکر کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ چوري ٿيل چنگچي رڪشا ھٿ ڪري، تصديق بعد اصل مالڪ عبدل خاصخيلي حوالي ڪري ڇڏي آهي.ان کان علاوہ رشيد وڳڻ پوليس اشتهاري جوابدار دوست محمد جانوري کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار جوابدارن کان جاچ سميت وڌيڪ قانوني ۽ ضابطي واريون ڪارروايون جاري آهن.