لاڙڪاڻو پوليس پاران بنا ڪاغذن ۽ نمبر پليٽ وارين موٽرسائيڪلن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري

لاڙڪاڻو- 08 سيپٽمبر  (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس پاران بنا ڪاغذن ۽ بنا نمبر پليٽ وارين موٽرسائيڪلن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، ان سلسلي ۾ سڄي ضلعي اندر سخت اسنيپ چيڪنگ ڪئي پئي وڃي. اسنيپ چيڪنگ دوران بغير ڪاغذن ۽ بغير نمبر پليٽن وارين موٽرسائيڪلن کي تحويل ۾ وٺڻ جو سلسلو جاري آهي.تحويل ۾ ورتل موٽرسائيڪلن خلاف مختلف ٿاڻن اندر 550 سي آر پي سي تحت ڪارروايون ڪيون پيون وڃن. …

لاڙڪاڻو- 08 سيپٽمبر  (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس پاران بنا ڪاغذن ۽ بنا نمبر پليٽ وارين موٽرسائيڪلن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، ان سلسلي ۾ سڄي ضلعي اندر سخت اسنيپ چيڪنگ ڪئي پئي وڃي. اسنيپ چيڪنگ دوران بغير ڪاغذن ۽ بغير نمبر پليٽن وارين موٽرسائيڪلن کي تحويل ۾ وٺڻ جو سلسلو جاري آهي.تحويل ۾ ورتل موٽرسائيڪلن خلاف مختلف ٿاڻن اندر 550 سي آر پي سي تحت ڪارروايون ڪيون پيون وڃن. ايس ايس پي لاڙڪاڻي شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي پنهنجي موٽرسائيڪلن جي قانوني رجسٽريشن ڪرائين، صحيح نمبر پليٽون استعمال ڪن ۽ ضروري ڪاغذ پاڻ سان گڏ رکن، ٻي صورت ۾ بنا ڪاغذن ۽ نمبر پليٽن، فينسي نمبر پليٽن، منع ٿيل بليو بتيون ۽ ڪارا شيشا استعمال ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.